لهور جي ڍنڍ

لِهور جي ڍنڍ: سنڌ جي هيءَ قديم ڍنڍ قنبر شھر کان ست ڪلوميٽر پري ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ ڦٽل آثارن ۾ واقع آهي. مقامي روايت موجب ’لھور‘ ذات جو گائنچو ۽ ليلا جو پيءُ هو، جنھن جي نالي پٺيان هن ڍنڍ تي نالو پيو. جڏهن ته لھور جي نالي سان عمرڪوٽ ضلعي جي تعلقي ساماري ۾ پڻ تاريخي اُهڃاڻ ملن ٿا. تاريخي حوالن موجب هن ڍنڍ کي سومرن جي ملڪيت ٻڌايو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو