لواري شريف

لواري شريف

لواري شريف

لواري شريف (شھر) ضلعي بدين جو قديمي شھر خواجه محمد زمان لواريءَ واري جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو، هتي خواجه محمد زمان جي وڏي درگاهه پڻ آهي. لواري ڳوٺ اٽڪل 16 صدي عيسوي ۾ آباد ٿيو، اُهو ڳوٺ موجوده لواري شريف کان ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هو، پر ڪن سببن جي ڪري اُهو ڳوٺ ۽ شھر ڦٽي ويو ۽ خواجه محمد زمان ٺٽي مان تعليم پوري ڪري موٽيو ته موجوده جاءِ تي ڳوٺ ٻڌي ويٺو، جنھن جو نالو پڻ پنھنجي آبائي ڳوٺ ’لواري شريف‘ جو رکيائين. هيءُ ڳوٺ پوءِ آهستي آهستي ترقي ڪندو ويو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور ۾ هن وڏي ترقي ڪئي.


لفظ لواري شريفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو