لورا 1

لورا (ذات): هن ذات وارا اصل سنڌ جا رهاڪو آهن، هنن مان ڪي لڏي وڃي مڪران ۾ ويٺا. بلوچستان ۽ ايران ۾ موجود لورا پڻ اصل سنڌ جا آهن. سنڌ ۾ موجود لورا سنڌي ۽ بلوچي ڳالهائين ٿا. لورا بروهين ۾ به آهن. اصل ۾ لورا شادين مرادين ۾ ڳائين وڄائين ٿا. آڳاٽي دؤر ۾ حڪمرانن ۽ اميرن کي هنن جو راڳ گهڻو پسند هوندو هو. ايس. صادق علي پنھنجي تحقيق ۾ لورا ذات وارن کي سنڌ جا سما ۽ ملاح ڄاڻايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو