لورلائي: لورلائي ننگرپارڪر کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي، گهر ٽياري جي ڀر ۾ وڏو تلاءُ آهي. هن کي مقامي ماڻهو ندي به سڏيندا هئا. هن ۾ ٻارهن مھينا ئي پاڻي رهندو آهي. سنڌ گزيٽئير موجب هن جي ڊيگهه 40 فوٽ ۽ ويڪر 900 فوٽ آهي. هڪ روايت موجب آڳاٽي وقت ۾ پاري نگر ۾ لوهارن جا ٻه هزار گهر اُتان جي راجائن کان تنگ ٿي اچي هن علائقي ۾ آباد ٿيا. ان ڪري هن کي ’لوهارن واري‘ سڏيو ويو، جيڪو اُچار ڦري ’لورلائي‘ طور مشھور ٿيو. انهن لوهارن ۾ هڪڙي حسين ڇوڪري هئي، جنھن تي پاري نگر جو شھزادو عاشق هو. لوهارن جي لڏي وڃڻ تي به هو انهن کي ستائڻ لڳو، آخر ان ڇوڪريءَ بيزار ٿي ان تلاءَ جي ڪناري ستي ڏاگهه چڙهي هئي. ان جو پٿر اڄ تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو.