لولي

لولي: سنڌي ٻوليءَ ۾ لوري ۽ لولي لفظ ساڳي معنيٰ ۾ ڪم اچن ٿا. لوري معنيٰ ياد، ڳڻتي، جهوري، محبت جي تانگهه ۽ سِڪ. لولي اهو گيت هوندو آهي، جنھن کي مائرون پنھنجي ٻارن کي سمهارڻ لاءِ (آهستي آواز ۾) سُر سان جهونگارين، ان کي جيجل لولي پڻ چئجي. لوليءَ کي هندي، اردو ۽ پنجابيءَ ۾ لوري، سنسڪرت ۾ ’لولا‘، بلوچيءَ ۾ ’نازينڪ‘ ۽ انگريزيءَ ۾ “Lullaby” چيو وڃي ٿو. لولي ماءُ پنھنجي ٻار کي پنھنجي تر جي حالتن، وقت ۽ ماحول مطابق مختلف اندازن ۽ مختلف موضوعن سان لڳائي ڏيندي آهي. فلسطين جي ماءُ جي لولي انگريز ماءُ کان مختلف هوندي. ڪشميري ۽ فلسطيني مائرون پنھنجي ڌرتيءَ کي آزادي ڏيارڻ جي لولي ڏين ٿيون. سنڌ جي امڙ پنھنجي ٻار لاءِ خواهشمند هوندي آهي ته اهي دولهه دريا خان، دودو، هوشوءَ ۽ هيمونءَ بڻجن، تنھنڪري اهي پنھنجي لوليءَ ۾ انهن جھڙو ٿيڻ جا لفظ محاورا ۽ جملا چونديون آهن. ڪا ماءُ پنھنجي ٻار کي اها لولي ڏئي ٿي ته شال وڏو ٿي وڏو بھادر ٿئين. خوشحال هجين ۽ ڏک نه ڏسين وغيره. بھرحال دنيا جي هر ماءُ جي لوليءَ ۾ هڪ ڳالهه ساڳي آهي ته هوءَ پنھنجي اولاد کي سُکئي رهڻ ۽ عزت ماڻڻ جون دعائون ڏئي ٿي.
سنڌي لوڪ ادب ۾ لولي تمام آڳاٽي آهي. لفظ ’لوليءَ‘ لاءِ مختلف رايا آهن. الهه بخش نظاماڻي پنھنجي ڪتاب ’سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ‘ ۾ لکي ٿو ته ”هنديءَ ۾ لوليءَ کي ’لوري‘ چوندا آهن. ممڪن آهي ته ’لولي‘ لوري لفظ مان نڪتو هجي، جيئن سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته فلاڻي کي ته پنھنجي سڪ واري لاءِ ’لوري‘ لڳل آهي.
مجازي لوليءَ جا وري ٻه قسم آهن: هڪ وَرَ لولي، ٻي پَرَ لولي يعني محبوب لاءِ. ساڳيءَ ريت شاعراڻي لوليءَ جا وري 3 قسم آهن، هڪ سينگار لولي، ٻي مذهبي لولي ۽ ٽين سرائتي لولي.
لوليءَ جو هڪ ٻيو قسم به آهي، جيڪو سنڌ جي هندن ۾ ٿئي ٿو، جنھن کي سَاکي ’لولي‘ سڏيو وڃي ٿو.
جيجل لولي: جيجل معنيٰ امڙ، جيڪا لولي امڙ ڏئي اها جيجل لولي چئجي ٿي. جيتوڻيڪ عورت جون مرد کان مختلف ضرورتون ۽ تمنائون هونديون آهن، جيئن هار سينگار، ڳهه ڳٺا هئڻ، ور جو پيار وغيره. پر جڏهن هوءَ ماءُ بڻجي ٿي، تڏهن وٽس سڀ کان وڌيڪ اهميت پنھنجي ٻچي جي هوندي آهي. هوءَ پنھنجي ٻچي تان اول گهور وڃڻ چاهيندي آهي. پاڻ اکڙين کي اوجاڳا ڏيئي ٻچي کي مٺيون مٺيون ننڊون ڪرائي ٿي.
ٻھراڙيءَ جون مائرون لوليءَ ۾ پنھنجن پاليل جانورن، ڏڌ، مکڻ، ڍڳن، ڍورن، وڻن ٽڻن، ٻنيءَ ٻاري ۽ ويھانءَ وغيره جون ڳالهيون ڪنديون آهن. اوراڻا به جيجل لوليءَ جو حصو آهن.
روايتي لولي يا مجازي لولي: اها لولي انهن وڻجارين جي دل جو آواز ۽ دانھن آهي، جن جا وڻجارا ڪنھن ڏورانھين ڏيھه ٻيڙا ڪاهي ويا هجن. ان ۾ جدائيءَ، انتظار ۽ اڪنڊ جي ڪيفيت هوندي آهي. ور لاءِ وريتيون ۽ محبوب لاءِ آسائتيون اها ئي لولي ڳائين.
واقعاتي لولي: ان لوليءَ ۾ ڪوبه واقعو بيان ڪيو وڃي ٿو. تاريخي طور ان قسم جي هڪڙي ئي لولي ملي آهي، جيڪا ڳوٺ عارب، ضلعي گهوٽڪيءَ جي آهي. ان ڳوٺ جي نوران نالي عورت جو مڙس عارب ماڇي بھادر انسان هو. نوران جي ساڻس گهڻي محبت هوندي هئي. عارب جڏهن ڪنڌڪوٽ واري پاسي هڪ جهيڙي ۾ مارجي ويو ته سندس زال نوران ڪارو وڳو پھري پار ڪڍندي هئي. عالمن انهن پارن کي لولي مڃيو آهي. هونئن پار ڪڍڻ به هڪ عوامي رنگ آهي، جيڪي مايون پنھنجن عزيزن جي وفات تي ڪڍنديون آهن. روئندي ۽ سڏڪندي مرڻ واري جي واکاڻ سريلي انداز ۾ ڪنديون آهن. هيءَ واقعاتي لولي به ان پسمنظر ۾ آهي. اها لولي هڪ تاريخ آهي، جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته هيءَ ٽالپر دور سان واسطو رکي ٿي. هن واقعي مان اهو به ثابت ٿئي ٿو ته عارب کي ڪنڌڪوٽ ضلعي جيڪب آباد ۾ ماريو ويو.
ٿر ۽ لاڙ ۾ اڄ به عورتون ٻارن کي لولي ڏينديون آهن، ڪوڏاڻا ڪنديون آهن، هي بيحد پيار ۽ ممتا جو گيت آهي، لوليءَ جي تخليقڪار بنيادي طور عورت آهي. هونئن ته لوليون آڳاٽيون ۽ عام آهن، جن جي شاعر جي نالي جي خبر ناهي. اهي لوڪ گيت جي اصل مفھوم تي پورو لھن ٿيون. ٻيون لوليون اهڙيون آهن، جيڪي مختلف شاعرن لوڪ لوليءَ کان متاثر ٿي جوڙيون آهن. ان لوليءَ ۾ به شاعر مختلف موضوع بيان ڪن ٿا. هو پنھنجي محبوب جي وصفن کي مختلف تشبيھون ڏئي نروار ڪندا آهن. سينگار لوليءَ ۾ سينگار جي بيتن وانگر مختلف موضوع بيان ڪيا ويندا آهن. وري اسلامي لوليءَ مولود جي نموني ٿئي، جنھن ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم کي سڏڙا ڪيا ويندا آهن ۽ سندس شان بيان ڪيو ويندو آهي. سرائيتيون لوليون راڳ جي سُرن خاص ڪري شاهه سائينءَ جي مختلف سرن جھڙوڪ: مومل راڻي، سسئيءَ پنهون وغيره جي موضوع تي ٺاهيون وينديون آهن، انهن ۾ ڪي وري ڪانگل لوليون به ٿين، جن ۾ ڪانگ يا ڪانءَ کي مخاطب ٿي وراڻي ڏنل هوندي آهي. شاعر ڪانگ کي قاصد بڻائيندو رهيو آهي.
ماضي قريب جي ڪيترن ئي شاعرن لولي لکي آهي ۽ ڳائي به وئي آهي. جديد شاعرن ۾ شيخ اياز، نياز همايونيءَ ۽ اُستاد بخاريءَ ۽ ٻين به لوليون چيون آهن، جھڙوڪ:
لولي لال، جيئين شال! (اياز)
جيجل جهولي، ڏئي پئي لولي،
سنڌي ٻولي، قومي ٻولي (اُستاد)


لفظ لوليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو