لومڙي

لومڙي

لومڙي

لومڙي: لومڙي کير پياريندڙ جانور آهي هن جو جسم عام طور 32 انچن کان 18 انچن تائين ٿيندو آهي، ان جي پڇ جي ڊيگهه 12 کا 18 انچ، وزن 15 پائونڊن کان 29 پائونڊن تائين ٿيندو آهي. مادي لومڙيءَ جو آواز تمام سنهو ۽ نر جو ڪافي ڳرو ۽ ماديءَ کان بلڪل الڳ هوندو آهي. نر لومڙ کي انگريزيءَ ۾ ’ڊاگ فاڪس‘ ۽ ماديءَ کي ’ورڪسن‘ چئبو آهي ۽ لومڙيءَ جي ٻچي کي ’ڪب‘ چئبو آهي. لومڙي عام طور تي ڊگهن ۽ وڏن ڏرن ۾ رهندي آهي، جيڪي اڪثر وڏن وڏن ۽ ٿلهن ٿڙن وارن وڻن جي اوٽ ۾ ٺاهيندي آهي. جابلو علائقن ۾ وري جبلن جي دامن ۾ پنھنجي ڏر ٺاهيندي آهي. لومڙي خاص ڪري مارچ يا اپريل جي مھيني ۾ ٻچا ڏيندي آهي. شروع ۾ ٻچن جو رنگ سليٽي يا خاڪي هوندو آهي. پنجن يا ڇھن مھينن بعد هنن جي کل جو رنگ بدلجي زردي مائل ڀورو ٿيندو آهي ۽ ان جي پوري نشونما 18 مھينن اندر ٿيندي آهي. لومڙي پنھنجي ٻچن کي هڪ مھيني تائين کير تي پاليندي آهي ان کان پوءِ ننڍن ننڍن ڪوئن، جيتن ۽ ٻين جانورن جو شڪار ڪري کين کارائيندي آهي. لومڙي ڪڏهن ڪڏهن سيھڙ جي ڏرن ۾ به گهڙي ويندي آهي ۽ انهن کي وڏو ڪري رهائش ڪندي آهي. لومڙيءَ جا ڪيترائي قسم ۽ نسل آهن جن مان هيٺيان قسم وڌيڪ مشھور آهن:
(الف) ريڊ فاڪس-(Red Fox): هي لومڙيون دنيا جي اترئين حصي ۾ ملنديون آهن، هڪڙيون يورپ جي علائقي ۾ ملنديون آهن ۽ ٻيو اتر آمريڪا ۾ ملن ٿيون، جن کي ’آمريڪي ريڊ فاڪس‘ چئبو آهي.
(ب) سلور فاڪس – (Silver Fox): هن قسم جون لومڙيون گهڻو مشھور آهن. هنن جي کل تمام قيمتي ٿيندي آهي ان ڪري ان قسم جي لومڙين کي پاليو ويندو آهي.
آرڪٽڪ فاڪس-(Arctic Fox): هن قسم جي لومڙي اتر قطب ۾ رهندي آهي. هن جي خاصيت اها آهي ته هيءَ موسم جي لحاظ کان رنگ بدلائيندي آهي. گرمين ۾ ان جو رنگ نيراڻ مائل سليٽي هوندو آهي ۽ سياري ۾ ان جو رنگ اڇو ٿي ويندو آهي.


لفظ لومڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو