لونگ (ڳھه): لؤنگ نڪ جو زيور آهي. هن زيور جي شڪل هوبھو پسارڪي وکر ۽ مصالحي واري لونگ جھڙي ٿئي. هي زيور سون مان گهڙيو وڃي ٿو جيڪو عورتون نٿ يا ڦلڙيءَ واري هنڌ پائينديون آهن. شڪل ۾ لونگ جھڙو هجڻ ڪري هن کي به لونگ سڏيو ويندو آهي. سڄيءَ سنڌ ۾ لونگ پائڻ جو رواج عام آهي.