لونگ فقير (بزرگ): صوفي بزرگ لونگ فقير مھيسر ڪلهوڙن جي حڪومتي دؤر ۾ ٿي گذريو آهي. سندس درگاهه خيرپور تعلقي ۾ خيرپور شھر کان 25 ڪلو ميٽر ۽ شادي شھيد کان 2 ڪلوميٽر اوڀر طرف آهي. سندس والد جو نالو رفيق مھيسر هو. لونگ فقير ننڍي عمر ۾ ئي قرآن پاڪ پڙهي، ڳوٺان نڪري وڃي، قناصرن جي ڳوٺ ۾ مال چارڻ لڳو. ڪجهه عرصي بعد پراڻي سکر ۾ وڃي شاهه خيرالدين جي درگاهه تي رهي پيو. ان کان پوءِ سيوهڻ شريف وڃي قلندر شھباز جي مزار تي حاضري ڀريائين. اتان نڪري شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي درگاهه تي مٽيون ڀرڻ لڳو. جتي ڪجهه سال رياضت ڪرڻ بعد فيض حاصل ڪري ڀٽ شاهه کان نڪري موجوده درگاهه واري جاءِ تي اچي رهيو. اُتي هڪ مسجد ٺھرائي ديني ڪم ۾ مشغول ٿي ويو.
لونگ فقير 27 ذوالقعد، 1279هه 17 مئي 1863ع تي وفات ڪئي. سندس مزار تي هر سال ذوالقعد مھيني ۾ 25 کان 27 تاريخ تائين ٽي ڏينھن عرس ٿيندو آهي.