لوهارڪو ڌنڌو

لوهارڪو ڌنڌو

لوهارڪو ڌنڌو

لوهارڪو ڌنڌو: آڳاٽي زماني کان لوهه کي باهه ذريعي گرم ڪري ان مان مختلف شيون، اوزار، هٿيار وغيره ٺاهڻ کي لوهارڪو ڌنڌو چئبو آهي. لوهار اڱارن کي ٻاري ان ۾ لوهه کي وجهي، تپائي ڳاڙهو ڪري، ڪٽي سٽي، پڪو ڪري ان کي پنھنجي مرضيءَ موجب سنھو ٿلهو رکي ۽ موڙي ڪم آڻيندا آهن، جنھن ۾ ڪچي لوهه کي پڪو ڪرڻ ۽ اوزارن ۽ هٿيارن کي پاڻي ڏيڻ سندن خاص فن آهي. لوهارڪي ڌنڌي ۾ هيٺين شين جو استعمال ٿئي ٿو:
ڌمڻ يا ڌنوڻ: هن ۾ چمڙي جون ٻه ڳوٿريون هونديون آهن، جن جي منھن ۾ ٻه کڙتال جھڙيون ڪاٺيون هونديون آهن، جن وٽ هٿ وجهي انهن ڳوٿرين کي مٿي ڪري اڳتي ڌڪبو آهي، ته ٻاهرين هوا ڳوٿرين ۾ ڀرجي ٻئي منھن وٽان ٻاهر نڪرندي آهي ۽ ٻنهي ڳوٿرين جا ٻيا ٻه ڇيڙا هڪڙي ئي هنڌ ملندا آهن، جيڪي مٽيءَ جي هڪ نلي ۾ ڦاٿل هوندا آهن، جتان هوا اڳتي وڃي اڱارن کي ٻاريندي آهي.
اڱر اٿلائڻ جي شيخ: اڱر اٿلائڻ لاءِ به اڍائي فوٽ ڊگهي شيخ استعمال ڪئي ويندي آهي، جنھن سان اڱرن کي سيري اڳتي پٺتي ڪبو آهي ۽ ٻئي پاسي ڪاٺ جو مٺيو هوندو آهي جتان کيس جهلبو آهي.
چمٽو: چمٽي جي شڪل عربي اکر ’لا‘ جھڙي هوندي آهي، جنھن سان اڱر کڻي چلهه ۾ وجهبا آهن.
سانڌاڻ يا ايرڻ: هي رڪ جي ٿيندي آهي ۽ هن جو هڪ پاسو چھنب وارو ٿورڙو ڊگهو ٿيندو آهي ۽ چورس واري پاسي هڪ سوراخ ۽ چھنب واري پاسي ٻه سوراخ هوندا آهن، هن تي لوهه کي ڪُٽبو آهي. جيئن ڪنھن شي کي موڙي يا ور وجهي سگهجي. هي مڻ سوا مڻ جي هوندي آهي ۽ لوهار جو سڄو ڪم هن مٿان ٿيندو آهي.
اڪولائي: هيءَ سانڌاڻ وانگر استعمال ٿيندي آهي، پر سانڌاڻ جو منھن چورس هوندو آهي ۽ هن جي مٿي جو هڪ پاسو گول، چهنبيارو ۽ ٻيو پاسو مستطيل چڀائون هوندو آهي. هن جي گول پاسي ۾ ڪھاڙين جا پاها، ڇلا ۽ ٻيون اهڙيون گول شيون وجهي مٿن ڌڪ هڻي ٺاهبو. هيءَ ضرورت وقت زمين ۾ به ٺوڪي ڪم آڻبي آهي.
گهڻ يا مترڪو: هي مترڪو رُڪ جو وزني ٿيندو آهي. هي لوهه يا رڪ کي موڙڻ، ور وجهڻ يا ڊگهو ڪرڻ جي ڪم ايندو آهي. هي گهڻو ڪري ٻنهي هٿن سان استعمال ٿيندو آهي.
هٿوڙي: هي گهڻ جي شڪل جھڙي پر ان کان گهڻو هلڪي، رُڪ جي ٺھيل هوندي آهي ۽ تتل شين کي ٺپڻ ۾ ڪم ايندي آهي.
انبوري: هي لوهه مان ٺھيل ٿوري ڊگهي ۽ ڪينچيءَ جھڙي چپتري ٿيندي آهي، جنھن جي ڪامن جا منھن چپترا ۽ مستطيل هوندا آهن ۽ ڇيڙا گول هوندا آهن ۽ هي ڪنھن لوهه جي تتل ۽ ٿڌين شين کي جهلڻ ۾ ڪم ايندي آهي، هن جا ٽي نمونا آهن. (1) سنبي جي انبوري: هن جي منھن ۾ کانچو هوندو آهي، جنھن ۾ سنبي کي جهلي لوهه يا رُڪ جي شين ۾ سوراخ ڪڍيا آهن. (2) ڇيڻي جي انبوري: هن سان لوهه يا رڪ وڍڻ واري ڇيڻي يا ڇيرڻي کي جهلبو آهي ۽ ڇيڻي تي مترڪي سان لوهه کي ڌڪ هڻي وڍبو آهي. (3) عام انبوري: هيءَ سڀ ڪنھن شيءِ کي جهلڻ جي ڪم ايندي آهي. هن جي منھن وارن ڇيڙن ۾ کانچو ڪونه هوندو آهي.
ڇيڻي: هي الف جي شڪل تي ٿوري چپتري هوندي آهي ۽ هن جا ننڍ وڏائي موجب ڪيترائي قسم آهن. هن جو منھن تمام تکو ۽ تيز هوندو آهي، ان ڪري هيءَ به لوهه يا رڪ جي ڪھڙي به شيءِ کي وڍيندي دير نه ڪندي آهي.
سنبو: هي رُڪ جو ٺھيل هوندو آهي ۽ اڪثر ڪري هن جي ڊيگهه ٽي يا چار انچ ٿيندي آهي. هن جا به ڪيترائي قسم هوندا آهن: هڪ گول ۽ ٻيا چورس. هي ڪنھن به لوهه يا رڪ واري شيءِ کي سوراخ ڪڍڻ ۾ ڪم ايندو آهي ۽ هن جا ننڍا وڏا ڪيترائي قسم آهن.
گوا، ڇلو: هيءَ اشڪرو يا بلٽ جي ڦرڻيءَ جھڙو پر ان کان ٿلهو ۽ مضبوط هوندو آهي، جنھن تي ڪنھن به پٽ يا ٻي اهڙي شيءِ کي رکي سنبي سان سوراخ ڪڍبو آهي. هن کي وائيسر به چوندا آهن.
روات: هي اوزار رُڪ مان ٺھيل هوندو آهي جيڪو فوٽ پٽيءَ وانگر ويڪرو ۽ فوٽ کن ڊگهو ٿيندو آهي. هن ۾ هڪ ڪاٺ جو ڳن لڳل هوندو آهي، جيڪو مٺيي طور استعمال ٿيندو آهي. هن جي مٿاڇري تي گهاٽين ليڪن وانگر ڌارون هونديون آهن، جيڪي شين کي سنوت ۾ آڻڻ، تکيون ڪرڻ يا گسائڻ جي ڪم اينديون آهن. هن جا ٽي قسم آهن جيئن گول، اڌ گول ۽ سڌا.
ٽڪوري: هي رُڪ مان ٺھيل روات کان ننڍي هوندي آهي، هن جا ڪافي نمونا ٿين ٿا. هيءَ ٽه پاسائين ٿيندي آهي ۽ لوهه يا رُڪ جي نازڪ اوزارن کي کانچا ڏيڻ انهن جي منھن کي سنوت ۾ آڻڻ لاءِ ڪم ايندي آهي. هي ڪارائي ۽ ڪرٽ جي ڏندن کي تکي ڪرڻ جو خاص اوزار آهي.
پڪڙ: هي رُڪ جو ٿيندو آهي. هي ڪنھن به لوهه يا رُڪ جي شيءِ کي منھن ۾ جهلي موڙڻ يا ڀڃڻ، ڪلي يا ڪوڪو ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ يا ڪلي يا ڪوڪو جهلي ٺوڪڻ جي ڪم ايندو آهي.
گونيا: هي پٽيدار گوني ڪنڊي، ٽڪنڊي جي شڪل تي لوهه جو اوزار آهي، جنھن جي پٽي تي ماپ جا نشان نڪتل آهن. جن جي ذريعي شين جي ماپ ڪبي آهي ۽ مختلف شين جا فريم ٺاهيا ويندا آهن.
لوهه وڍڻ جي ڪارائي: هي رُڪ مان ٺھيل ڏندن واري پٽي ٿيندي آهي، جنھن جي ويڪر انچ ۽ ڊيگهه ٻه فوٽ کن ٿيندي آهي. هن پٽيءَ کي مٿان ڪڙي وانگر لوهه جي الڳ پٽي ٿيندي آهي، جيڪا ڳن طور استعمال ٿيندي آهي، جنھن کي مٺ ۾ جهلي لوهه يا رڪ جي شيءِ کي ڪٽبو آهي.
ڪينچي: هيءَ عام ڪينچي جھڙي پر مضبوط ۽ وڏي هوندي آهي ۽ لوهه کي وڍڻ لاءِ ڪم آڻبي آهي. هن سان لوهه جا سنھا پٽ، پتل ۽ ٽين جا پٽ ۽ سنهيون تارون ڪٽبيون آهن.
سرائي/برمون: هي رُڪ جو ٿيندو آهي جيڪو چرخيدار يا گراڙين وارو هوندو آهي. هن جا ٻه حصا ٿيندا آهن: هڪ چرخي وارو ۽ ٻيو منھن وارو، جنھن ۾ مختلف قسمن جا ڦر وجهبا آهن. هن سان لوهه توڙي پٿر وغيره ۾ سولائي سان سل/سوراخ ڪڍبا آهن.
پانو: هي ڪيترن قسمن جو ٿيندو آهي ۽ هن سان مختلف شين جا بلٽ قابو ڪبا آهن.
پيچ پانو: هن پاني ۾ پيچ لڳل هوندو آهي، جنھن جو منھن ضرورت موجب ننڍو وڏو ڪري سگهبو ۽ هن سان به نٽ بلٽ قابو ڇڪبا آهن.
چاپڻ: هي فولاد يا رُڪ جي ٿيندي آهي ۽ هر شيءِ جي کانچي ڏيڻ ۾ ڪم ايندي آهي. هي ڪاريگر هٿ سان ٺاهيندا آهن.
ڇري: هن کي ’ڪانس‘ به چون. هي خاص ڪري ڏاٽن جا ڏندا ڪڍڻ جي ڪم ايندي آهي.
ريھه: هن جا ٻه قسم ٿيندا آهن: هڪ ڪچو، ٻيو پڪو. (1) ڪچو ٽين يا سنهڙي شِيخ وغيره کي ڏنو ويندو آهي، جيڪو شيھي يا جست کي ڳاري ان مان ٺاهبو آهي. (2) پڪو: هي خاص ڪري پتل يا ٽامي کي ڳاري ٺاهيو ويندو آهي، جيڪو رڪ يا لوهه ڳنڍڻ يا ملائڻ جي ڪم ايندو آهي. اهڙي طرح ٻئي لوهارڪي ڪم ۾ ڪتب اچي ٿو.


لفظ لوهارڪو ڌنڌوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو