لوهڙي پيرماڳ

لوهڙي پير (ماڳ): ضلعي دادوءَ ۾ شاهه حسن کان ڇِنيءَ طرف چار ميل کن اُتر ۾ پير ’لوهڙي‘ جو آستانو آهي. اين. جي مجمدار هن ماڳ جو مشاهدو ڪيو. جنھن جي لکڻ موجب ”ان وقت زمين جو اهو ٽڪرو چؤطرف موجود پوکيءَ لائق زمين کان فقط چار فوٽ مٿي هو ۽ منڇر جو پاڻي ان کان ٻه ميل پري هو، پر جڏهن منڇر ڀربي آهي، تڏهن لوهڙي پِير پاڻيءَ هيٺ اچي ويندو آهي. ان دڙي تي به ڪي پٿر ڪٺا ٿيل هئا. شايد ان بنياد تي ان ماڳ کي پير لوهڙيءَ جو نالو مليو آهي.“
کوٽائيءَ کان پوءِ هتان وارياسي پٿر جون ڪي ڀڳل ٽٽل قبرن جھڙيون چؤڪنڊيون ۽ مستطيل ڀتيون ظاھر ٿيون. پر اھي پٿر تمام زبون حال ھئا ۽ ذري گھٽ ڀُري چُڪا ھئا. هتي 80x60 فوٽ ايراضي جي کوٽائي ڪئي وئي. ھتي تھه به تھه اڏاوتون ظاھر ٿيون، جن مان مٿين يا ٽين سطح پاڻيءَ جي تڏھوڪي سطح برابر ھئي. اھي فوٽ ڏيڍ مس ھيٺ ھيون ۽ آثارن ۾ تازيون ھيون، جيڪي سڀ ٻوڏ ۾ دٻجي ويل هيون. انهن آثارن ھيٺان بھتر حالت واري ھڪ گھر جا نشان پڌرا ٿيا، انهن ۾ چار ننڍڙا چئمبر، ٻه پاسن کان ۽ ھڪ ورانڊو ھو. انهن مان ڪوبه چئمبر ڊيگهه ۾ سوا ڇھه ۽ ويڪر ۾ سوا چار کان وڌ نه هو ۽ سڄو گهر 30x26 فوٽن کان وڌ نه هو. ان جاءِ ۾ فرشبنديءَ جا آثار ھئا. ان کان به ھيٺ ڪُل ستن فوٽن تي سڀ کان ھيٺيون تھه ظاھر ٿيو. جتان آڳاٽي دؤر جون ڪيتريون ئي شيون مليون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو