لوياڇ نئن: هيءَ نئن ڪوهستان، جي لوياڇ واري علائقي مان نڪري ٿي. جنھن ڪري مٿس علائقي جي نسبت سان ’لوياڇ نئن‘ نالو پيو. هن نئن جي شروع ۾ ساروڻي نئن ۽ لولو ڍورو پئي ٿو. ان کان پوءِڪاري جبل ۽ ڪلو کوهر مان نڪرندڙ ڪيترائي ڍورا ۽ نئيون منجهس ڇوڙ ڪن ٿيون. هي نئن، لوياڇ واري علائقي مان نڪري هنڊي جبل جو اولهه وارو پاسو وٺي، زيرو پوائنٽ (گئس فيلڊ)، ٽڪ مڪان (ڪوڏيرو جبل) کان ٿيندي، هائي وي ايم نائين پُل نمبر 7 ڪراس ڪري، ڪلو کوهر جي پاسي مان لنگهي، گوگڙو پير کان اڳتي وڃي، آنڃڙي واري علائقي مان گذري، جهمپير جي اولهه کان ريلوي پُل هيٺان گذري، جهمپير شھر جي ڏکڻ طرف کان ڪينجهر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هن نئن جو وهڪرو 32 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي، جيڪو سنڌو درياهه کان به تيز آهي. هن وقت ’نئن لوياڇ‘ تي تمام گهڻا ٽيوب ويل لڳل آهن، جن تي ڪافي زرعي آبادي ٿئي ٿي. برساتن ۾ هيءَ نئن موج ۾ اچي آسپاس ٻوڏ آڻيندي آهي. 1981ع ۾ نئن لوياڇ، جهمپير کان الھندي طرف کان ڦاٽ کاڌو ۽ ان جو پاڻي تيزيءَ سان جبل ٽوڙي جهمپير واري علائقي ۽ شھر ۾ اچي ڪاهي پيو ۽ آسپاس جا ڳوٺ لوڙهي ڇڏيائين. هيءَ ڪوهستان جي وڏين نئن مان هڪ آهي.