لوٽو لوڪ گيت

لوٽو (لوڪ گيت): لوٽو سنڌ جو مشھور لوڪ گيت آهي، ان جو موضوع هڪ آڳاٽي دؤر کان عام ٿانءُ ’لوٽو‘ ئي آهي، جيڪو ٻھراڙين ۾ گهريلو ٿانءُ طور، خاص ڪري جڳ بدران استعمال ٿئي ٿو. جيڪو کير پيئڻ جي لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو. لوڪ گيت لوٽو سڀ کان پھريان سنڌ جي ڪھڙي ڀاڱي ۾ ڳايو ويو ۽ ان کي ڪنھن ڳايو؟ تنھن بابت ڪا پڪي ثابتي نه ٿي ملي. اهو به چيو وڃي ٿو ته هي گيت ڳائڻ جي شروعات پھريائين شڪارپور کان ٿي پر اهڙي ڪا پڪي شاهدي ناهي ملي. پر هاڻي هي گيت نه رڳو سنڌ، هند ۾ گهڻو مشھور آهي، پر جتي جتي سنڌي ماڻهو رهن ٿا، اُتي گهڻو مقبول ٿي چڪو آهي. هتي هن لوڪ گيت جون ڪجهه سٽون ڏجن ٿيون:
لوٽو مون کي آڻي ڏي
منھنجو مون کي آڻي ڏي
اولڻ گهولڻ وڃانءِ
ساهه صدقي ڪيانءِ
منھنجي کير پيئڻ جو لوٽو
آيو آيو دوست ملڻ جو لوٽو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو