
لوڏ/پينگهه
لوڏ/پينگهه: هي ٻاراڻي راند آهي، جنھن کي لوڏ يا پينگهه به سڏيندا آهن. پينگهه ٺاهڻ جو طريقو هيءُ آهي ته ڪنھن جاءِ وغيره جي مَنَھن وغيره جي ڪاٺ ۾ يا ڪنھن وڻ جي مٿانھين ٽار يا لام ۾ ڏيڍ ٻن فوٽن جي مفاصلي تي ٻه رسا ٻڌي هيٺ لڙڪائبا آهن. پوءِ زمين کان ٻه ٽي فوٽ مٿي ٻنهي رسن جي ڇيڙن ۾ ڪاٺي وغيره جو تختو مضبوطيءَ سان ٻڌي لوڏ تيار ڪبي آهي. انهيءَ تحقيق تي وھي، پاسن وارن رسن ۾ جهلي لڏبو آهي. جيڪڏهن لڏندڙ سيکڙاٽ هوندو آهي ته ان کي ٻيو ماڻهو لوڏا ڏيندو آهي، پر جي اڳ ئي سکيل آهي ته پاڻ ئي لڏڻ شروع ٿي ويندو آهي. ٻار گهڻا هوندا ته واري تي لڏندا. لوڏ يا پينگهه تي گرمين ۾ اڪثر ڪري بھار کان وٺي برساتن يا اونهاري جي مند ۾ ڏينھن جو وڻن جي ڇانوَ ۾ لڏندا آهن. اڄڪلهه پلاسٽڪ جون پينگهون ٺاهيون وڃن ٿيون، جيڪي ٻار گهرن ۾ به ڪم آڻيندا آهن ۽ ڇت ۾ لوهه جا ڪنڊا لڳارائي لوڏ ٺاهي لڏندا آهن.
ٻھراڙين ۾ غريب ماڻهو جن وٽ هندورو ۽ پينگهو خريدڻ جي قوت نه هوندي آهي اهي پنھنجي ننڍڙن ٻارن کي لوڏڻ لاءِ کٽ جي ايِس يا ڪنھن وڻ ۾ ڪپڙي جي لوڏ ٻڌي ان ۾ به لوڏيندا آهن.