
لياري
لياري: لياريءَ جي شھري آبادي ڪراچيءَ جي اوائلي ۽ گهڻ آباديءَ واري قديم وسندي آهي. جيڪا ڪراچي شھر کان تُرت پوءِ آباد ٿي ۽ هن وقت هڪ شھر جو ڏيک ڏئي ٿي. اڳ ۾ هتي مھاڻا ۽ ڪجهه بلوچ رهندا هئا. سترهين صديءَ جي شروع ۾ مھاڻن سان گڏ ڪجهه بلوچن هتي اچي رهڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ بلوچستان مان گهڻي تعداد ۾ بلوچ لياري ۾ اچي آباد ٿيا. اها آبادڪاري لياري واهه جي اترئين ڪپ کان ويندي مٺا در تائين قائم ٿي. انگريز دؤر ۾ اهو سڄو علائقو ٽرانس- لياري ڪوارٽر سڏجڻ ۾ آيو.
ماضيءَ ۾ هن علائقي ۾ هڪ وڏي نئن هئي، جيڪا برساتن ۾ وهندي هئي، هن نئن ۾ ’لئي‘جو وڻ وڏي تعداد ۾ ٿيندو هو. جنھن ڪري ان کي ’لئي واري نئن‘ چيو ويندو هو، اڳتي هلي هن جو نالو ’لئي واري‘ مان بگڙي ’لياري‘ ٿي ويو. انهيءَ نئن جي ڇوڙ واري علائقي کي نالي جي نسبت سان ’لياري‘ چيو ويو ۽ اهو علائقو اڄ تائين ’لياري‘ جي نالي سان مشھور آهي. لياري نالي سان ٻه برساتي نديون پڻ آهن: جن مان هڪ لياري ۾ ۽ ٻي ندي/نئن بلوچستان جي ضلعي لسٻيلي ۾ گوادر ويندڙ ڪوسٽل هاءِ وي تي هنگول نديءَ کان پھرين آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هيڊي مائل ڳاڙهي رنگ کي به ’لياري‘ چئبو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪنھن دؤر ۾ ان رنگ جي مٽي نئن جي ڪناري تي هئڻ ڪري مٿس لئاري/لياري نالو پيو هجي. اهڙي ريت ’هندي/سنسڪرت ٻوليءَ ۾ لياري معنيٰ بگهڙ آهي.‘ بگهڙ تيز رفتاري، طاقت ۽ دهشت جو اهڃاڻ آهي. لياري به هڪ جابلو نئن آهي ۽ جابلو ندين ۾ پاڻي گهڻي تيزيءَ سان وهندو آهي، سو ٿي سگهي ٿو ته لياري نئن جي تيز رفتار فطرت سبب ان کي ’لئاري‘ يعني ’بگهڙ‘ چيو ويو هجي، جيڪو بعد ۾ بگاڙ سبب لياري ٿيو هجي ۽ پوءِ ڪراچيءَ جو اهو علائقو به لياريءَ جي نالي سان ئي مشھور ٿيو هجي. آڳاٽي روايتن موجب هتي ’لئي‘ وڻ گهڻو هئڻ سبب اهو نالو پيو. هيءُ ضلعي ڪراچيءَ ڏکڻ جو گهڻ آبادي وارو ٽائون آهي. هن ۾ ڪُل 11 يونين ڪائونسلون آهن. آباديءَ جي لحاظ کان هتي مختلف قبيلا آباد آهن، جن ۾: سنڌي، ڪڇي، گجراتي، بلوچستان جي سامونڊي پٽيءَ کان لڏي آيل مڪراني ۽ شيدي شامل آهن. شيدين لاءِ چيو وڃي ٿو ته انهن جا وڏا 1200ع کان 1900ع جي وچ ۾ آفريقا جي ڪجهه حصن مان بطور غلام/قيدي ۽ واپار سانگي هتي آيا ۽ پوءِ مستقل آباد ٿي ويا.
لياري، انگريز دؤر کان ويندي ورهاڱي تائين سياسي سرگرمين توڙي تحريڪن جو ڳڙهه رهي آهي. ان ڏس ۾ خلافت تحريڪ ۽ ريشمي رومال تحريڪ سرفھرست آهن. سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ جي تحريڪ ۾ به ’ورڪس‘ ۽ ’کڏو‘ (لياري جا علائقا) اهم مرڪز رهيا.