لياري نئن

لياري نئن: ڪراچي شھر جي وچان گذرندڙ لياري نئن برساتي نئن آهي. گڏاپ جي علائقي، کٻڙ لڪ جي جابلو علائقي (حب ڊيم جي ڏکڻ اولهه) ۽ اوپڪاڻيءَ جي ٽڪرين مان وهي اچي سھراب ڳوٺ وٽان گذري، هاڻوڪي تاج ڪالوني'>آگرا تاج ڪالوني (جتي ورهاڱي کان اڳ هندن جو مساڻ هو) لڳ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. لياري نئن جي ڪري ڪراچيءَ جي هن قديم علائقي جو نالو ’لياري‘ پيو آهي. لياري نئن، لي مارڪيٽ جي اتر پاسي شيدي وليج جي ڪناري کان ٿيندي، کڏي تائين وهي، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. 1729ع ۾ ڀوڄي مل ۽ سندس ساٿين پاران جوڙايل ’ڪراچي ڪوٽ‘ جو ’مٺو در‘ لياريءَ پاسي کُلندو هو، ڇاڪاڻ ته اُنهن ڏينھن ۾ هتي صاف ۽ شفاف پاڻي وهندو هو ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جا کوهه هئا، جن جي ڪري هن در جو نالو ’مٺو در‘ رکيو ويو هو. ڪوٽ ٺھڻ کان پوءِ لياري نئن انهيءَ ديوار جي ڪنارن کان وهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. انگريزن جي قبضي کان پوءِ ٻوڏن جي بچاءَ لاءِ لياري نئن جو رخ موڙي هاڻوڪي وهندڙ لياري شاخ ڏانھن ڪيو ويو. قديم شاخ اڄ به گٽر نالي جي صورت ۾ موجود آهي. 195.58 ملي ميٽر سراسري برسات پوڻ تي 32.657،948 ڪيوبڪ ميٽر برسات جو پاڻي وهائي ايندي آهي، جنھنڪري 166.98 چورس ڪلوميٽر ايراضي آباد ڪندي آهي.


لفظ لياري نئنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو