لياقت رضوي

لياقت رضوي

لياقت رضوي

لياقت رضوي: شاعر ۽ ڪھاڻيڪار لياقت علي شاهه ولد موج علي شاهه رضوي پھرين مئي 1963ع تي نوشھري فيروز شھر ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم.ايل.ايس ۽ ايم.اي (سنڌي) آهي. هي عملي زندگي ۾ اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ واپڊا حيدرآباد، سيڪنڊري استاد ۽ عبرت اخبار جي ادبي صفحي جو انچارج به رهيو. ان کان پوءِ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري ۾ لائبريرين مقرر ٿيو، جتان 30 اپريل 2023ع تي رٽائرڊ ڪيائين. لياقت ’ساٿي ٻارڙا سنگت‘، ’ينگ رائيٽرس گلڊ‘ ۽ ’سنڌي ادبي سنگت‘ نوشھري فيروز لاءِ سيڪريٽري، نوشھري فيروز مان نڪرندڙ ’رتيءَ رهاڻ‘ ادبي رسالي جو ڪو ايڊيٽر، ’ناٽڪ‘ ادبي رسالي حيدرآباد جو ايڊيٽر رهي چڪو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’اوندهه ۾ رکيل آئينو‘ (ڪھاڻيون، 2009ع)، ’233 ۽ ٻيون ڪھاڻيون‘ (ڪھاڻيون، 2011ع)، ’تنھنجي اک آڻي ٿي مون کي‘ (نثري نظم، 2021ع) ۽ ’تنھنجي غير موجودگيءَ سان گفتگُو‘ (نثري نظم، 2024ع) شامل آهن. سندس ڪھاڻين جي ڪتابن: ’اوندهه ۾ رکيل آئينو‘ (2009ع) ۽ ’233 ۽ ٻيون ڪھاڻيون‘ (2011ع) کي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري، حيدرآباد پاران سال جا بھترين ڪتاب قرار ڏئي انعام ڏنا ويا. ان کانسواءِ سندس ڪھاڻي ’جنم شھر ۾ وڇوڙي جا پل‘ کي پي.ٽي.وي جي پروگرام ’سُڳنڌ‘ پاران 1980ع ۾ ايوارڊ مليو. لياقت رضوي کي بھترين ڪھاڻيڪار طور ’ڪينجهر‘ رسالي پاران 1996ع ۾ ۽ سنڌ ترقي پسند ڪلچر ونگ پاران 1997ع ۾ ايوارڊ مليا. هي، هن وقت ايم ايڇ پنھور ريسرچ لائبرري، ڄامشوري ۾ انچارج طور ڪم ڪري رهيو آهي


لفظ لياقت رضويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.05.01  عيسوي

شاعر ۽ ڪھاڻيڪار لياقت علي شاهه ولد موج علي شاهه رضوي پھرين مئي 1963ع تي نوشھري فيروز شھر ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٺٽوي نيازي
سحر امداد حُسيني ڊاڪٽر
ٻڍل لاشاري
عاشق هالائي
حمايت علي شاعر
بھاؤالدين
راز شيخ عبدالرزاق
عبدالحميد شھيد
غلام صديق ابڙو فقير
صالح راڄپر وفا
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون