
لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز
لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز (لمس): سنڌ جي پھرين سرڪاري ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جو درجو رکندڙ هيءَ يونيورسٽي، سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ تي، ڪراچيءَ کان 160 ڪلوميٽر اتر طرف ۽ حيدرآباد کان 16 ڪلوميٽر اولهه طرف، ڄامشوري ٽي ٽڪرين تي واقع آهي.
هن اداري جي شروعات حيدرآباد ۾ 1881ع ۾ بطور ميڊيڪل اسڪول سان ٿي، 1942ع ۾ هن اسڪول ميڊيڪل ڪاليج جو درجو ماڻيو، جنھن کي 1951ع ۾ پاڪستان جي پھرئين وزيراعظم لياقت علي خان جي نالي پٺيان لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو نالو ڏنو ويو. 1954ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي ڀرسان تدريسي ڪاليج (ڪئمپس) جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو ۽ تدريسي حوالي سان هن ڪاليج جو، سنڌ يونيورسٽيءَ سان الحاق ٿيو.
1963ع ۾ ڪئمپس جي تعمير مڪمل ٿيڻ بعد لياقت ميڊيڪل ڪاليج کي نئين عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو ۽ ساڳئي سال کان پوسٽ گريجوئيٽ ڪورسز، ڊينٽل (ڏندن) سيڪشن ۽ بي. ڊي. ايس (BDS) ڪورس جو آغاز ڪيو ويو. ائين وقت بوقت مختلف ميڊيڪل ڪورس متعارف ڪرائڻ سان گڏ ميڊيڪل شعبن ۾ اضافو ڪري تدريسي سرگرمين ۾ وسعت آندي وئي. لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي ابتدا ۾ جيڪي شعبا/سينٽر قائم ڪيا ويا، انهن ۾ اٽامڪ انرجي ميڊيڪل سينٽر (1965ع)، حيدرآباد ۾ اکين جي اسپتال (1967ع)، سر سي. جي انسٽيٽيوٽ آف سائڪياٽري (نفسيات) (1967ع)، ديوان مشتاق ڪورونري ڪيئر يونٽ (1982ع)، ڪينسر وارڊ (1988ع)، پوسٽ گريجوئيٽ انسٽيٽيوٽ (1989ع)، آڊيو- ويوئل لائبرري (1989ع)، ڪمپيوٽر سيڪشن (1989ع) سميت يورولاجي، هيمو ڊائلاس، ڪارڊيولاجي ۽ پيڊياٽرڪس جا شعبا 1992ع ۾ قائم ڪيا ويا.
ساڳيءَ طرح ڊپارٽمنٽ آف ميڊيڪل ايڊيوڪيشن (1995ع)، ٽيچنگ اينڊ ليبارٽري (1995ع)، آئي. سي. يو (حيدرآباد) (1998ع)، ڪاليج آف نرسنگ (1999ع)، آئي. سي. يو (ڄامشورو ڪئمپس) (2000ع)، ڪمپيوٽر لٽريسي سينٽر (2000ع) ۽ هڪ اسپورٽس اسٽيڊيم جو بنياد پڻ رکيو ويو. جنوري 2001ع ۾ هن ميڊيڪل ڪاليج کي باقاعده يونيورسٽيءَ جو درجو ڏئي، ’لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز‘ جو نالو ڏنو ويو. علمي توڙي انتظامي بنيادن تي هن يونيورسٽيءَ کي پنجن فئڪلٽيز (1) ميڊيڪل اينڊ الائيڊ سائنسز فيڪلٽي، (2) سرجري اينڊ الائيڊ سائنسز فيڪلٽي، (3) بيسيڪل ميڊيڪل سائنس فئڪلٽي، (4) ڪميونٽي اينڊ پبلڪ هيلٿ سائنسز، (5) فئڪلٽي آف ڊمينٽسٽر ۾ ورهايو ويو، جنھن ۾ ڪيترائي شعبا قائم ڪيا ويا آهن. تدريس کان سواءِ تحقيق ۾ به لياقت يونيورسٽيءَ آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز (LUMHS) پاڻ ملهايو آهي. هن يونيورسٽيءَ مان وقت به وقت شايع ٿيندڙ ’جنرل آف لمس‘ ۾ نه صرف استادن پر شاگردن توڙي شاگردياڻين جا به تحقيقي مضمون شايع ٿيندا رهن ٿا. هن وقت هن يونيورسٽيءَ جو هائير ايڊيوڪيشن ڪميشن (پاڪستان)، پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل، فارميسي ڪائونسل آف پاڪستان، پاڪستان نرسنگ ڪائونسل ۽ پاڪستان انجينئرنگ ڪائونسل سان الحاق ٿيل آهي.