ليالو گيت

ليالو (گيت): هيءُ گيت عام طرح سڄيءَ سنڌ ۾ رائج آهي. مضمون جي لحاظ کان ڪنھن فراق وارِي عورت پاران پنھنجي محبوب/ پريتم جون واٽون نھارڻ سبب هيءُ گيت وجود ۾ آيو. گيت جي هڪ مصرع ۾ ’چوٽل‘ جو نالو آيل آهي. لاڙ ۽ ٿرپارڪر ۾ هن گيت جي عام مشھور وراڻي ’لياڙي لو، ليالو‘ رائج آهي انهيءَ وراڻيءَ سببان گيت به ’ليالو‘ جي نالي سان سڏجي ٿو، پر اتر ۾ ’ڇورا! ليوڙي لان‘ جي وراڻي هلندڙ آهي، ان ڪري هن گيت کي ’ليالو‘ کان سواءِ ’ڇورو‘ به چون.
هن گيت جي جُملي مليل مواد کي ڀيٽي، مضمون جي لحاظ کان جدا جدا عنوانن هيٺ رکيو ويو آهي: (الف) وڇوڙي وارو گيت، (ب) عام روايتي گيت. وڇوڙي واري گيت ۾ آيل مضمون آڳاٽو ڀانئجي ٿو، ۽ روايتي گيت وارو مواد پوءِ جو اضافو آهي. هيءُ گيت خوشيءَ وارن موقعن تي گهڻا ڄڻا گڏجي ڳائيندا آهن.
(الف) وڇوڙي وارو گيت:
لـَـياڙي لو، ليالو.
چونڪيون چونئر ’چوٽل‘ جا- ڙي ليالو!
سنهڙا سانول سگهو وَرُ - ڙي ليالو!
دڙي چڙهيو واٽ ٿي نھاريان- ڙي ليالو!
ٻير چڙهيو ٿي پير نھاريان- ڙي ليالو!
ڄار چڙهيو دلدار نھاريان- ڙي ليالو!
اڪ چڙهيو ٿي پـَـڪ وٺان- ڙي ليالو!
(ب) عام روايتي گيت:
لئي ئاڙي لو، لئي ئا ڙي لو.
بـُـولـِـيءَ واري بـَـند وڌو ڙي- ليالو!
پاساڙي ۾ کيتر کيڙيو ڙي- ليالو!
چولي واريءَ چريو ڪيو ڙي- ليالو!
مـَـنگلينَ وارِي مارو ڪيو ڙي- ليالو!
(ڪتاب: لوڪ گيت- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)


هن صفحي کي شيئر ڪريو