رچنداڻي ليلارام

رچنداڻي ليلارام

ليلارام رچنداڻي

ليلارام رچنداڻي : سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو عالم ۽ ليکڪ ليلارام رچنداڻي، 24 جولاءِ 1924ع تي ٺارو شاھہ، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. ورهاڱي کانپوءِ ڀارت جي شھر احمد آباد ۾ وڃي آباد ٿيو. هن سنڌي ٻوليءَ تي جيڪو يادگار ڪم ڪيو آهي. اهو سنڌي ادب ۾ املھہ خزاني جي حيثيت رکي ٿو. ڪيترين ئي اخبارن توڙي رسالن سان بہ لاڳاپيل رهيو، ڪيترن ڪتابن جو مصنف ۽ مترجم رهيو آهي. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: (1) ’سنڌوءَ جي جهلڪ‘ (تاريخ)، (2) ’سنڌي وياڪرڻ‘، (3) ’سنڌو درشن‘ (تاريخ)، (4) ’سنڌي ٻوليءَ جو وڪاس‘ (تاريخ)، (5) ’سنڌي لوڪ ڪٿائون ۽ پسمنظر‘ (تحقيق)، (6) ’سنڌي ٻولي: مختصر تاريخ ۽ وڪاس‘ (تحقيق)، (7) ’سنڌي نظم جي تاريخ‘، (8) ’آزاديءَ کانپوءِ گجرات ۾ سنڌي ساهت‘ (تحقيق)، (9) ’آزاديءَ بعد سنڌي ساهت جو اتهاس‘ (تحقيق)، (10) ’اڏيرو لعل سنڌي شاعريءَ جي تاريخ‘ قابلِ ذڪر آهن. ليلارام رچنداڻي هڪ عالم ۽ ليکڪ هجڻ سان گڏ لسانيات جو ماهر بہ رهيو آهي. هو صحافت جي پيشي سان بہ وابستہ رهيو. ورهاڱي کان اڳ سنڌ مان جاري ٿيندڙ سنڌي اخبارن ۾ وقت بوقت پنهنجون صحافتي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. هن عالم، ليکڪ، صحافي، ماهر لسانيات ۽ محقق کي سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي عيوض ڪيترن اعزازن ۽ اوارڊن سان نوازيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.07.24  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو عالم ۽ ليکڪ ليلارام رچنداڻي، 24 جولاءِ 1924ع تي ٺارو شاهه، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آنند کيماڻي
رياض صديقي
آسانند مامتورا
صبا دشتياري
رُڪمڻي سندر چئناڻي
شيرازي محمد رضا پروفيسر
چغتائي عصمت
غلام احمد بدوي
چترو ناگپال
ناز سنائي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون