ليلا جي ترائي: ڄام چنيسر داسڙي ۽ ليلا جو قصو سڄيءَ سنڌ ۾ مشھور آهي، قصي جا سمورا آثار عمرڪوٽ ضلعي جي تعلقي ساماري ۾ موجود آهن، جن ۾ ڄام چنيسر داسڙي جو دڙو، پچٽ جادوگر جو دڙو، ليلا جو ڀڙو، ليھور، ليلا جي ماڙي، ڪونئرو جي ماڙي، ليلا شاخ، ليلا ديھه، ليلا جي ڪنڊي، ليلا جو بڙ ۽ ليلان جي ترائي مشھور آهن. ليلا جي ترائيءَ جا هن وقت صرف نشان موجود آهن. جتي ديوين جا وڻ اڀري آيا آهن.