ليلا چنيسر (لوڪ داستان): سنڌ جي مشھور عشقيه داستانن مان هيءَ به هڪ داستان آهي، جنھن مطابق ڪونئروءَ نالي عورت کي سندس ڀاڄائيءَ، ڄام چنيسر سان شادي ڪرڻ جو مھڻو ڏنو ته ”تون وري ڪهڙي ڄام چنيسر جي مڱ ٿيندينءَ!“ جنھن تي ڪونئروءَ چنيسر سان شادي ڪرڻ جو دل ۾ پُختو ارادو ڪيو. پنھنجي ان خواهش کي پورو ڪرڻ لاءِ هوءَ گهر ڇڏي پنھنجي ماءُ سان گڏ چنيسر جي راڄ ۾ رهڻ لاءِ هلي وئي. اتي محل وٽ هڪ مالهڻ رهندي هئي، جيڪا روز گلن جا هار ٺاهي محل اندر راڻيءَ کي موڪليندي هئي. ڪونئرو ۽ ان جي ماءُ اُن مالهڻ وٽ رهي پيون. انهن به گلن جا هار ٺاهي محل ۾ موڪلڻ شروع ڪيا. چنيسر جي راڻيءَ ليلا گلن مان ٺھيل دلڪش ۽ حسين نمونن جون مالهائون ڏسي حيران ٿي وئي ۽ ڪونئروءَ کي محل ۾ پاڻ سان گڏ رهڻ لاءِ گهرايو.
ڪونئروءَ راڄ محل ۾ اچي رهڻ کان پوءِ چنيسر سان منھن ملاقات ڪرڻ جا گهڻا ئي حيلا هلايا، پر ڪامياب نه ٿي سگهي. چنيسر جي خواب گاهه تائين رسائي هن لاءِ ناممڪن هئي. ڪونئروءَ وٽ هڪڙو حسين اَمُلهه هار هو، جيڪو هن پاڻ سان گڏ آندو هو. جڏهن اهو هار ليلا ڏٺو، تڏهن ان هار جي ڪونئروءَ کان گُهر ڪيائين. ڪونئروءَ هار ان شرط تي ڏيڻ جي حامي ڀري ته جيڪڏهن مون کي صرف هڪ رات لاءِ چنيسر جي سيوا ڪرڻ ۽ ان سان گڏ رهڻ جي اجازت ملي.
ڪونئروءَ جي انھي فرمائش تي ليلا کي پھرين ته ڪاوڙ آئي، پر پوءِ خوبصورت هار حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾ هوءَ ڪونئروءَ سان سودي بازي ڪرڻ تي راضي ٿي وئي. پوءِ ليلا هڪڙي رات چنيسر کي ججهو شراب پياري، مدهوش ڪري، ڪونئروءَ کي سندس سيوا لاءِ پنھنجي خواب گاهه ۾ موڪلي ڇڏيو.
خواب گاهه ۾ پھچندي ئي ڪونئروءَ بيھوش چنيسر کي هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. جڏهن چنيسر هوش ۾ آيو ته ليلا جي بدران ڪونئروءَ کي ڏسي حيران ٿي ويو ۽ ڪونئروءَ کان ان بابت پڇا ڪيائين. جنھن تي ڪونئروءَ کيس ٻڌايو: ”مون ته توکي هڪڙي هار جي قيمت ۾ ليلا کان هڪ رات لاءِ خريد ڪري ورتو آهي. ڄام چنسير، ڪونئروءَ جي ڳالهه ٻڌي لاجواب ٿي ويو. هار جي بدلي سندس سودي ڪرڻ واري راڻيءَ تي کيس تمام گهڻي ڪاوڙ آئي. جنھن کان پوءِ چنيسر ليلا کي ڌڪاري ڇڏيو. ليلا کي گهڻو ئي پڇتاءُ ٿيو. ليلا پنھنجي مڙس چنيسر جي جدائيءَ ۾ روئندي رهي ۽ پنھنجي ڏوهه تي گهڻو پشيمان ٿي، پر چنيسر سندس هڪ به نه ٻڌي. جنھن کان پوءِ اها نااميد ٿي پنھنجن مائٽن ڏانھن هلي وئي ۽ ڪونئرو چنيسر سان گڏ رهڻ لڳي. ڪجهه سالن کان پوءِ چنيسر جي هڪڙي وزير جکري جي شادي ليلا جي ڪنھن مائيٽياڻيءَ سان طئي ٿي. ان جي شاديءَ ۾ راجا چنيسر به شرڪت ڪئي.
شاديءَ ۾ رقص جو به بندوبست ڪيو ويو هو. ليلا گهونگهٽ ۾ منھن لڪائي رقص ڪري رهي هئي. چنيسر ان جي ادائن تي عاشق ٿي پيو. ليلا گهونگهٽ مان سندس چھري کي ڏسي رهي هئي. چنيسر سندس رقص کان متاثر ٿيندي، کيس منھن ڏيکارڻ لاءِ چيو. خوشيءَ مان نھال ٿيندي گهونگهٽ کولي، چنيسر جي قدمن ۾ ڪري ۽ اتي ئي دم ڏئي ڇڏيائين. چنيسر به پاڻ کي سنڀالي نه سگهيو ۽ ان جي مٿان ڪري مري ويو. هن لوڪ داستان کي شاهه لطيف ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن ڳايو آهي.