ليلم

ليلم (ڳهه): هي ڪَنُ ۾ پائڻ جو زيور آهي. هن ۾ مٿان ڦلڙيءَ َ ۽ هيٺان ليمي جي اڌ جھڙو پورو اڌ گول هوندو آهي. جنھن جي ڪنارن تي گهنگهرو هوندا آهن ۽ ڪن جي ڪنارن تي گهنگهرن بدران موتي جڙيل هوندا آهن. ڪن ۾ پائڻ مھل هن جي ڦلڙي، پاپڙيءَ سان ملي بيھندي آهي ۽ اڌ گول هيٺ لڙڪي بيھندو آهي. هي به سون جي ڳھن ۾ شامل آهي، ڪن ۾ هڪ هڪ پائبو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو