ليليٰ مجنون

ليليٰ مجنون: ليليٰ مجنون اصل ۾ ستين صدي عيسوي جي عربي ٻوليءَ جي شاعر قيس ابن الملوح بن مزاحم العامري ۽ سندس محبت ليليٰ بنت مھدي جو عشقيه داستان آهي. جنھن ۾ بيان ڪيل قصو ۽ ڪردار حقيقت تي ٻڌل آهن. ليليٰ، قيس (مجنون) جي سؤٽ جي ڌيءُ هئي، ٻئي عدنان جي عربن ۾ ڳڻيا وڃن ٿا، جيڪو (عدنان) حضرت اسماعيل عه جي نسل مان هو، قيس (مجنون) عربي اپٻيٽ (هاڻوڪو سعودي عرب) جي تاريخي پرڳڻي نجد ۾ 645ع ۾ جنم ورتو ۽ ليليٰ به 648ع نجد ۾ ڄائي. هن داستان کي عربي ٻوليءَ مان سڀ کان پھرين فارسي ٻوليءَ جي مشھور شاعر ’رودڪي‘ مثنويءَ جي روپ ۾ ترجمو ڪيو، جنھن کان پوءِ فارسي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي شاعرن هن داستان تي مثنويون لکيون. ليليٰ مجنون داستان جا ٻه مرڪزي ڪردار آهن، جن ۾ هڪ مجنون آهي. مجنون لفظ جي لغوي معنيٰ چريو، ديوانو ۽ عاشق آهي. ٻيو ڪردار ليليٰ جو آهي. عربي ۽ عبرانيءَ ۾ ليليٰ يا ليله رات کي چيو وڃي ٿو. عربيءَ ۾ ليليٰ مجنون بجاءِ ’مجنون ليليٰ‘ (ليلي جو عاشق) چيو ويندو آهي. هن قصي ۾ ليليٰ ۽ مجنون ننڍپڻ ۾ هڪ ئي مڪتب ۾ پڙهندا هئا، تڏهن کان انهن ٻنهي ۾ محبت پيدا ٿي. مجنون جو ڌيان تعليم بدران ليليٰ تي هوندو هو، جنھن ڪري استاد وٽان کيس اڪثر سزا ملندي هئي. استاد جڏهن مجنون کي سزا ڏيندو هو ته ان جي تڪليف ليليٰ کي ٿيندي هئي. هن جي استاد، جڏهن ليليٰ ۽ مجنون جي گهر وارن کي اها حقيقت ٻڌائي، تڏهن ليليٰ جي مڪتب وڃڻ ۽ گهر کان ٻاهر نڪرڻ تي پابندي لڳي وئي. جڏهن هو ٻئي جوان ٿيا ته هڪ ڏينھن وري اوچتو مجنون جي نظر ليليٰ تي پئي ۽ ٻيھر ننڍپڻ وارو عشق تازو ٿي ويو. مجنون وڏي چاهه مان ليليٰ جي والدين کان ليليٰ جي سڱ جي گُهر ڪئي پر ليليٰ جي پيءُ بلڪل انڪار ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ ليليٰ جي ڀاءُ ’تبريز‘ مجنون کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي پر مجنون ترت تبريز کي قتل ڪري ڇڏيو، جنھن کان پوءِ مجنون کي سنگسار ڪرڻ جي سزا ملي. ڪن روايتن مطابق ليليٰ جي جبري طور شادي بنو ثقيف جي امير واپاري ورد الثقفيءَ سان ڪرائي وئي. جنھن کان پوءِ مجنون چريو ٿي ويو. ليليٰ بابت عام طور اهو چيو وڃي ٿو ته هوءَ پنھنجي مڙس سان گڏ اتر عربستان ڏانھن لڏو کڻي وئي، جتي هوءَ ساندهه بيمار رهڻ لڳي ۽ نيٺ گذاري وئي. ٻين روايتن موجب هوءَ مجنونءَ جي وڇوڙي ۾ وفات ڪري وئي. مجنونءَ جو به بعد ۾ 688ع ۾ ليليٰ جي قبر ڀرسان لاش مليو. هن قصي جا دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين کانسواءِ سنڌيءَ ۾ به ڪيترائي ترجما ٿيا آهن، جن مان مرزا قليچ بيگ جو ’ليليٰ مجنون‘ (ناٽڪ) مشھور آهي. ليليٰ مجنون نه رڳو سنڌي سميت دنيا جھان جي شاعريءَ ۾ ڳايا ويا آهن، پر اهي ٻئي محبت جا استعارا ۽ لازوال ڪردار پڻ آهن.


لفظ ليليٰ مجنونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو