
ليمو/ليمون
ليمو/ليمون: هيءُ ننڍو وڻ گهڻو ڪري ميداني علائقن ۾ گهڻي انداز ۾ پوکيو ويندو آهي. هن کي انگريزي ۾ Lemon/Citrus Limon ۽ نباتاتي زبان ۾ Syn. Citrus medica (L.) چيو وڃي ٿو. هن جو تعلق Rutocea خاندان سان آهي. هن جو قد 3 کان 6 ميٽر (گهٽ وڌ) ٿئي ٿو. پن 6.5 کان 100 ملي ميٽر، بيضوي شڪل جا ٿين ٿا. پنن جي ڪنار ڏانداڻي، آري نما ۽ مھاڙي نوڪدار ٿئي ٿي. پن ۽ ڏانڊي جي وچ ۾ هڪ جوڙ هوندو آهي. ڏانڊي سوڙهي ٿئي ٿي. گل نر يا مادي ٿيندا آهن. گل جون پنکڙيون اڇاڻ مائل بنفشي (ارغواني) رنگ جون ٿينديون آهن. گل اندر 20 کان 30 نرٻور/نروار (Stamen) ٿين ٿا. هن جو ڦر/ثمر گهڻو ڪري گول ٿئي ٿو، جيڪو شروع ۾ گھري سائي رنگ جو ۽ پچي راس ٿيڻ بعد پيلي رنگ جو ٿئي ٿو. ثمر جي اندرئين گودي ۾ رس ڀريل هوندو آهي، جنھن ۾ وٽامن ڪافي مقدار ۾ ملي ٿو. ان جو ذائقو تيز کٽو ٿئي ٿو. هن وڻ جي فصل جو عرصو آگسٽ کان نومبر جي وچ تائين هوندو آهي پر سڄي سال لاءِ محفوظ ڪري به استعمال ڪيو ويندو آهي. هن جي رس جو تاثير ٿڌو ٿئي ٿو، انڪري اونهاري جي مند ۾ شربتن ۾ ليمي جو استعمال گهڻو ڪيو وڃي ٿو. طب جي لحاظ کان ڪيترين ئي بيمارين لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. هي پنھنجي اصلي حالت جي ڀيٽ ۾ ٻين کاڌن ۽ شين سان گڏ وڌيڪ استعال ڪيو وڃي ٿو. مثال طور هن مان شربت، آچار ۽ مربا وغيره تيار ڪيا وڃن ٿا. ان کانسواءِ مختلف کاڌن کي ذائقيدار ڪرڻ لاءِ به استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪيڪ، پيسٽري وغيره ۾ پڻ ڪتب اچي ٿو. هن جي کل (ڇلڪي) مان نامياتي تيزاب (Citric Acid) عرق پڻ حاصل ڪيو ويندو آهي. زخمن تي لڳائڻ لاءِ ملم به تيار ڪيو وڃي ٿو.