ليهور جو قلعو

ليهور جو قلعو (ماڳ): هن قديم ۽ تاريخي ماڳ جا آثار مير پور خاص، ضلعي جي سنڌڙي تعلقي جي يونين ڪائونسل ڳوٺ حاجي همير درس ۾ ڏهن ايڪڙن ۾ پکڙيل آهن، جيڪي پاڪستان جي قيام تائين 50 ايڪڙن تي هئا، پر هاڻي گهڻي زمين والار هيٺ اچي وئي آهي. ارغون، ترخان دور جي مشھور شاعر ادراڪي بيگلار پنھنجي فارسي مثنوي، ’چنيسر نامه‘ ۾ لکيو آهي ته ليھور جي قلعي ٺھڻ کان اڳ انهيءَ شھر جو نالو ’پتڻ‘ هو، جنھن مان معلوم ٿئي ٿو ته پتڻ مان ليھور سڏجڻ جو ڪارڻ به اصل ۾ ’ليلا چنيسر‘ جو اهو واقعو آهي، جنھن کان ليھور کي شھرت ملي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو