
ليو ٽالسٽاءِ
ليو ٽالسٽاءِ: روسي فلاسفر ليو ٽالسٽاءِ 9 سيپٽمبر 1928ع تي، ماسڪو جي ڏکڻ ۾، ياسنايا پوليانا جي زميندار گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. 9 سالن جو ٿيو ته سندس پيءُ گذاري ويو، تنھن کان پوءِ سندس پرورش ٻين ويجهن عزيزن ڪئي. سندس تعليم لاءِ فرانس ۽ جرمنيءَ جا استاد مقرر ڪرايا ويا. 16 سالن جي عُمـر ۾ ڪـازان يونيـورسٽـيءَ ۾ داخـل ٿيو، جـتـي هن پھرين لـسانيات ۽ پوءِ قـانـون جــي تـعـليــم حاصل ڪئي. 1847ع ۾ ٽالسٽاءِ ڊگري وٺڻ کان سواءِ ئي تعليم اڌ ۾ ڇڏي، فوج ۾ شموليت اختيار ڪئي. 1852ع ۾ جابلو قبيلن سان جنگ هلندي ٽالسٽاءِ پنھنجو ناول (آتم ڪٿا) ’ٻاروتڻ (Childhood)‘، مڪمل ڪيو. ان کان پوءِ ان ناول جي تسلسل ۾ هـن ٻه ٻيا ناول ’بوائي هُڊ (Boyhood)‘ ۽ ’يُوٿ (Youth)‘ لکيا. 1856ع ۾ ٽالسٽاءِ ’سينٽ پيٽرڪ برگ‘ موٽي آيو ۽ اتي اچي هارين جي تعليم ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. 1862ع هن پاڻ کان 18 سال ننڍي ڇوڪريءَ ’سونيا انڊريو نابرس‘ سان شادي ڪئي، جنھن سندس زندگي ۾ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو. انهيءَ دور ۾ ٽالسٽاءِ فڪري طور ان اصول جو ٿي چُڪو هو ته زندگي کي فطرت جي بخشيل سادگيءَ موجب گذارڻ کپي، اجائي چالاڪيءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. سندس ناول ’جنگ ۽ امن (War and Peace)‘ ۾ اهو ئي مرڪزي خيال ڪارفرما آهي. سندس مشھور ناول ’اينا ڪيرينا‘ 1877ع ڌاري مڪمل ٿيو. جنھن ۾ هن پنھنجي مذهبي نظرين جو دفاع ڪيو آهي. 1896ع ۾ هن ”فن ڇا آهي؟ (What Is Art?)‘ ۽ ’نيٺ ڇا ڪجي (What Then Must We Do)‘ لکيا. سندس آخري تصنيف ’قيامت‘ هئي، جيڪا 1900ع ۾ مڪمل ڪئي. ليو ٽالسٽاءِ 1910ع ۾ ماسڪو ۾ وفات ڪئي.