لَکَڻ

لَکَڻ (ذات): هيءُ سنڌ جي هڪ مسلمان ذات آهي. ڪتاب ’ذات، قومن ۽ قبيلن جي انسائيڪلو پيڊيا‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته هن ذات وارا اصل ۾ هندو هئا ۽ پوءِ مسلمان ٿيا. مالوند هجڻ سبب درياهه جي ڪنارن سان رهندا هئا ۽ اڳتي هلي زمين آباد ڪرڻ لڳا. انگريز محققن هنن کي ’رکڻ پال‘ ڪري به لکيو آهي. جيڪو راجپوتن جو هڪ پاڙو آهي. لکڻ، قنبر ۽ سکر ضلعي ۾ گهڻا رهن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو