لُلر: هي ٻوٽو بئراجي علائقي ۾ خريف جي فصلن ۾ به ٿيندو آهي. ٿر ۽ ڪوهستان ۾ برسات وسڻ کان پوءِ گهڻو ٿئي ٿو. ڀاڄي طور گهڻو استعمال ٿئي ٿو. هيءَ ڏٿ واري ڀاڄي آهي. للر جي ڀاڄي لوڻڪ ۽ مريڙي وانگر سوادي ٿيندي آهي. ماڻهو ميدان مان پٽي اچي ڳنڌڻ ڪندا آهن. هن جي واڌ ٻج ذريعي ٿئي ٿي. لُلر جي ٻوٽي ۾ بنھه ننڍڙيون ٽاريون ٿينديون آهن. پن ساوا پر ڪن حالتن ۾ ڪناري ڳاڙهسري ٿئي. گل ساوا يا ڳاڙهاڻ مائل گلابي رنگ جا ۽ ٻج هلڪا خاڪي رنگ جا ٿين. لُلر مال شوق سان کائيندو آهي. ٿر ۾ عورتون ٽوليون ٺاهي ڀاڄي لاءِ لُلر چونڊينديون آهن. ٿر ۾ لُلر چونڊيندڙ عورت کي ’لُلرياڙي‘ چئبو آهي. لوڪ ادب ۾ لُلر چونڊيندڙ عورت تي ’لُلرياڙي لو‘ مشھور گيت به آهي.