لِيلم/لِينن (Linen) (ڪپڙو)

لِيلم/لِينن (Linen) (ڪپڙو)

لِيلم/لِينن Linen ڪپڙو

لِيلم/لِينن (Linen) (ڪپڙو): السيءَ ٻوٽي جي پاڙ ۽ ريشن (فائبر) مان ٺھندڙ هيءُ ڪپڙو نھايت جٽادار ۽ جاذب نظر ٿئي ٿو. لِينن لفظ جو اصل وطن اولهه جرمني آهي ۽ هي لاطيني لفظ ’لينم‘ مان ٺھيو آهي. سنڌيءَ ۾ هن لفظ کي ’لِيلن‘ طور اچاريو ويندو آهي. ڪپڙي جي صنعت ۾ ڪپھه، ڀنگ يا ٻين غير ريشيدار/ فائبر مان ڪپڙي جي بناوت کي به ٿلھي ليکي ’لينن‘ يا ’ليلم‘ چيو ويندو آهي. هي، ڪپھه (ڪاٽن) جي ڀيٽ ۾ جلد خشڪ ٿيندو آهي. ملائم ۽ ٿڌو ڪپڙو هئڻ ڪري خاص ڪري اونھاري جي مند ۾ گهڻو پاتو ويندو آهي. لينن جو ڪپڙو السي ٻوٽي جي فائبر/ ريشن ۽ سوٽي ڌاڳن سان گڏ اڻيو وڃي ٿو. هن جي هڪ ٻي خاصيت گهٽ سڪڙجڻ ۽ دير تائين جٽاءُ ڪرڻ واري آهي. هي ڪپڙو، دنيا ۾ آڳاٽي ڪپڙي طور سڃاتو وڃي ٿو. هن جي تاريخ هزارين سال پراڻي آهي. ڏکڻ- اوڀر يورپ (موجوده جارجيا) جي هڪ غار مان مليل لينن جي ٽڪري (فليڪس فيبرز) مان ماهرن اندازو لڳايو آهي ته جهنگلي السيءَ مان اڻيل ڪپڙي جي استعمال جي تاريخ لڳ ڀڳ 30،000 سال پراڻي ٿي سگهي ٿي. ميسوپوٽيميا ۽ قديم مصر سميت قديم تھذيبن ۾ لينن جو استعمال ٿيندو هو. لينن جو ذڪر بائبل ۾ پڻ ملي ٿو. قديم مصر ۾ فرعون جي مردن کي روشني ۽ پاڪائي جي علامت توڙي دولت جي نمائش طور لينن ۾ ويڙهي محفوظ ڪيو ويندو هو. هي ڪپڙو سخت گرمي ۾ روزاني لباس طور پڻ پائڻ ۾ ايندو هو. پلوٽارچ لکيو آهي ته آئسس جا پادري به پاڪيزگيءَ جي خيال کان لينن پائيندا هئا. لينن جي صنعت جو سڀ کان پھريون قلمي دستاويز يوناني پائلوس جي لينيئربي مھرن مان ملي ٿو، جتي لينن کي تصويري لکت طور ڏيکاريو ويو آهي. ارڙهين صدي ۽ ان کان پوءِ جڏهن ڪپڙي جي صنعت يورپ ۽ آمريڪا ۾ اهم ترين صنعت ٿي اڀري ته لينن جي حصول لاءِ السي جو ٻوٽو دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ پوکجڻ لڳو. اعليٰ معيار جي السي بنيادي طور اولهه يورپي ملڪن ۽ يوڪرين ۾ پوکي ويندي آهي. ويجهڙائي ۾ السي جي پيداوار ۽ لينن جي صنعت اڀرندي يورپ ۽ چين ڏانھن پڻ منتقل ٿي پر اعليٰ معيار جو لِينن اڃا تائين آئرلينڊ، آمريڪا، اٽلي، بيلجيئم، فرانس، آسٽريا، جرمني، اسپين، سوئٽرزلينڊ، هالينڊ، برطانيا ۽ ڪوچي (هندستان) جي خاص پيداوار آهي. لينن جو ڪپڙو هاڻي بيلجيئم ۽ آمريڪا جي آرائشي سامان جي وڏين مارڪيٽن لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي. لينن مان لباس کان سواءِ ميز پوش، پلنگ جون چادرون، رومال، ٽوال، ائپرن، بيگ، سلائي لاءِ ڌاڳا مطلب ته ضرورت جي هر شيءِ ٺاهي ويندي آهي. 2018ع ۾، گڏيل قومن طرفان بين الاقوامي واپار جي انگن اکرن مطابق چين، 732.3 ملين ڊالر جي برآمدات سان اڻيل ڪپڙي (لينن) جو سڀ کان وڏو برآمد ڪندڙ ملڪ هو، جڏهن ته اٽلي (173.0 ملين ڊالر)، بيلجيئم (68.9 ملين ڊالر) ۽ برطانيا (51.7 ملين ڊالر) پڻ لينن برآمدات ڪندڙ ملڪن ۾ اهم آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو