
لِچي
لِچي (ميوو): هن ميوي کي انگريزي ۾ Litchi ۽ سائنسي زبان ۾ Litchi Chinensis چيو وڃي ٿو. هن جو تعلق Sapindaceae ڪٽنب سان آهي. هي ميوو پھرين چين ۽ ٻين ملڪن ۾ ٿيندو هو پر اڄڪلهه پنجاب ۽ سنڌ ۾ هن ميوي جي ڪامياب پوک ڪئي وئي. پنجاب ۾ هي ميوو خاص ڪري لاهور ۽ سيالڪوٽ ۾ ۽ سنڌ جي ميرپور خاص، ٽنڊوالھيار، شھيد بينظير آباد ۽ موري جي علائقن ۾ پوکيو وڃي ٿو.
لچيءَ جي وڻ جو قد وچولو ۽ پکڙيل ٿئي ٿو. هن جا پن سھڻا، ساوا ۽ چمڪدار ٿين ٿا. هن جي وڻ جي اوچائي 15 کان 20 فوٽ، پکيڙ 12 کان 15 فوٽ ۽ بيھڪ ڇٽيءَ نما ٿئي ٿي. لچيءَ جو ميوو ڇڳي جي صورت ۾ ٿئي ٿو. هر ڇڳي ۾ وڌ ۾ وڌ ويھه ميوا ۽ هر ميوي ۾ فقط هڪ ئي ٻج ٿئي ٿو. هن جو ذائقو مٺو ۽ خوشبو وڻندڙ ٿئي ٿي. هن ميوي مان کاڌي جون ڪافي شيون ٺھن ٿيون، پر هن جو آچار ۽ مربو وڌيڪ مشھور آهي.