لڇمڻ دُبي
لڇمڻ دُبي: غزل ۽ دوهي جي مشھور شاعر لڇمڻ دُبي جو جنم 15 مارچ 1942ع تي، امرو مل درياناڻي جي گهر خيرپور ميرس ۾ ٿيو. ورهاڱي وقت ڇھن سالن جي عمر ۾ لڏي اچي گجرات رياست ۾، جهوناڳڙهه ضلعي جي بانتوا شھر ۾ رهيو. گذر معاش لاءِ سندس خاندان بانتوا ۾ ڪپڙي جو ڪاروبار شروع ڪيو. هن راشٽر ڀاشا رتن، هندي ۽ سنسڪرت ساهتيه رتن جا امتحان ڄام نگر مان پاس ڪيا. 1960ع ڌاري نرسنگهه وديا مندر هاءِ اسڪول ۾ استاد طور پڙهائڻ شروع ڪيو. سنڌ جا ديوان پنھنجي نالي سان گڏ ذات ۽ ڪٿي ذات سان گڏ نُک پڻ شامل ڪندا آهن. لڇمڻ جو خاندان درياناڻي ۽ نُک ’دُبي‘ آهي، تنھنڪري هن ۽ سندس اولاد به پاڻ کي ’دُبي‘ نُک سان لکڻ شروع ڪيو. بانتوا ۾ ڪاروبار نه هلڻ سبب 1964ع ۾ ’راج ڪوٽ‘ شھر ۾ هن هڪ بسڪٽ فئڪٽري قائم ڪئي. 1967ع ۾ هو بمبئي آيو ۽ اڏاوتي ٺيڪيدار طور سيڙپ شروع ڪئي. 1967ع ۾ بنارس هندو يونيورسٽيءَ مان پھرين بي اي ۽ پوءِ ايم اي ڪئي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’اٺئي پھر اُٻاڻڪو‘ (شاعري: 1995ع)، ’گهر سِڪي رهيو آهي‘، ’اڃا ياد آهي‘، ’آڪاش جا ٽڪرا‘، ’مون ۾ مان ناراض‘ (چونڊ تحريرون)، ’شيتل ڇانوَ جلايو آهي‘ (لڇمڻ هردواڻي سان گڏ)، ’ڪوئي گهر ۾ ڍونڍي گهر‘ (هندي: 1997ع)، ’جو ڪناره ٿا ڪڀي‘، ’مڌ ڪي ديپ‘، ’بي نام چٺيان‘، ’لڪشمن ڪي غزلين‘ ۽ ’اڪثر اڪثر چيخ‘ وغيره شامل آهن. کيس ادبي ڪمن جي مڃتا طور مليل اوارڊن ۾: ’صدارتي اوارڊ‘، ’سنڌي پنچائت اوارڊ، ’دشينت ڪمار سمرتي اوارڊ‘، ’ساهتيه شيڪر اوارڊ‘، ’سنڌي ساهتيه اڪيڊمي اوارڊ‘ ۽ ٻيا شامل آهن. هن 12 اپريل 2023ع تي ممبئي ۾ وفات ڪئي.