ڀنڀاڻي، لڇمڻ

ڀنڀاڻي، لڇمڻ

لڇمڻ ڀنڀاڻي

لڇمڻ ڀنڀاڻي : ڀارت جو مشهور مضمون نگار، ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ صحافي لڇمڻ ڀنڀاڻي 17 نومبر 1938ع ۾ نوابشاهه، سنڌ ۾ ڄائو، پاڻ ورهاڱي کانپوءِ جئپور (راجسٿان) لڏي ويو ۽ اتي ئي ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ گريجوئشن جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ سرڪاري کاتي ۾ عملي زندگي جي شروعات ڪئي. لڇمڻ ڀنڀاڻي صحافت جو آغاز ماهوار ’سهڻي‘ رسالي کان ڪيو.ِ هو سنڌي ساهتيه پاران ڇپجندڙ رسالي ’سُراڀي‘ جو چيف ايڊيٽر پڻ رهيو. جيتوڻيڪ لکڻ جي شروعات هن ننڍي هوندي کان ڪئي ۽ سندس ڪهاڻيون ۽ مضمون ڀارت جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهيا سندس پهريون ڪتاب ’سپنا ۽ سڏڪا‘ (ڪهاڻيون) 1964ع ۾ ڇپيو تنهن کانپوءِ ’انڀوءَ کان ٻاهر‘ (ڪهاڻيون) 1970ع، ’راڳ کيئراڳ‘ (مضمون) 1993ع، ’روشنيءَ جو رٿ‘ (ٻارن جون ڪهاڻيون) 1994ع، ’ممتاز جو موت‘ (ڪهاڻيون) 1995ع ۽ ’ممي موٽي آءُ‘ (ناٽڪ) 1995ع ۾ نه فقط ڇپيا پر اڳتي هلي تن مان ’راڳ کيئراڳ‘، ’روشني جو رٿ‘ ۽ ’ممي موٽي آءُ’ کي ڊراماٽائيز ڪيو ويو جن تي کيس دهلي سنڌي اڪيڊمي ۽ راجسٿان سنڌي اڪيڊمي سميت ٻيا ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا. لڇمڻ ڀنڀاڻي سنڌ مان لڏڻ کانپوءِ جئپور (راجسٿان) ۾ مستقل رهائش اختيار ڪري چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.11.17  عيسوي

ڀارت جو مشهور مضمون نگار، ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ صحافي لڇمڻ ڀنڀاڻي 17 نومبر 1938ع ۾ نوابشاهه، سنڌ ۾ ڄائو،



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اندرا واسواڻي
غلام علي چنو
شان الحق حقي
نذير احمد چنا
الياس سيتا پوري
پريتم ورياڻي
ارباب نيڪ محمد
علي قلي بيگ مرزا
احسانه ڊار
زاهده تاج ابڙو
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون