
لڌڙو
لڌڙو: هن جو حياتياتي نالو Lutra Perspicillata آهي ۽ انگريزيءَ ۾ Smooth-coated Otter جي نالي سان سڏجي ٿو. 22 کان 28 انچ جسم ۽ 10 کان 16 انچن وارا پڇ رکندڙ هي جانور مماليه اُود کان پوءِ شايد ٻيو مماليه آهي جيڪو خشڪيءَ کان وڌيڪ پاڻيءَ ۾ رهي ٿو. اُود به لڌڙي جو هڪ قسم آهي جنھن جي بت تي وڏي بَج ٿئي ٿي. لڌڙي جي انهيءَ بَج يا لسي کل جي ڪري سڄي دنيا ۾ هن جانور جو شڪار عام جام ٿئي ٿو. لڌڙي کي پاڻيءَ ۾ رهڻ جي عادت آهي . پيرن جون آڱريون پاڻ ۾ ڳنڍيل هجڻ ڪري پاڻيءَ ۾ سولائي سان اڳتي ڌڪي يا تري سگهي ٿو. ان جو پڇ عام جانور وانگر سنهو نه ٿيندو آهي، پر ويڪرو ٿئي ٿو، جنھن سان کيس ترڻ ۾ مدد ملندي آهي. ان جي نڪ ۾ وَالوَ ھوندا آھن. جيڪي پاڻيءَ ۾ وڃڻ سان بند ٿي ويندا آهن. اکين تي شفاف پردو اک جي دوڏي کي پاڻيءَ اندر ڍڪي محفوظ رکي ٿو. ان جا ٿلها وار هوا کي پاڻيءَ اندر روڪي رکن ٿا. لڌڙو صبح، شام ۽ رات جو سرگرم رهندو ۽ ڪنھن مھل شور به ڪندو رهندو آهي. جڏهن لڳ جي مند نه هوندي آهي ته خشڪيءَ تي هلندو آهي. مھاڻن جي ڄار ۾ ڦاٿل مڇيءَ کي لڪي کائي ويندو آهي. هي رنگ جو ناسي ٿئي ٿو. ٻرن، ڍنڍن ڍورن جي گاهه ۽ وڻن جي لڙڪندڙ ٽارين ۾ لڪو پيو هوندو آهي. اهي لڳ جي مند ۾ ٻن ٽن مھينن لاءِ عارضي جوڙا ٺاهي رهندا آهن. ٻچا ٽي مھينا کن کير ڌائين ٿا، پر ماءُ سان گڏ سال کن رهندا آهن. لڌڙا مختلف آوازن ذريعي ۽ ڪجهه رطوبتون خارج ڪري، ان جي بوءِ وسيلي هڪٻئي سان رابطو ڪندا آهن.