لکي غلام شاهه (شھر): سنڌ جو هي آڳاٽو شھر ضلعي شڪارپور ۾ آهي، جيڪو شڪارپور کان به آڳاٽو آهي. هن شھر جي آڳاٽي هجڻ ۽ ان جي نالي بابت سنڌ گزيٽيئر ۾ لکيل آهي ته: ”سنڌو درياهه جي اولهه ڪناري سان لڳو لڳ علائقو هوندو هو، انهيءَ ۾ لکيءَ جو شھر پڻ شامل هوندو هو، جيڪو تڏهن شاهوڪار شھر هوندو هو، انهيءَ شھر تي اهو نالو هتي جي مشھور شخص لکُو تان پيو هو.“ پروفيسر محمد شريف شاد به لکيو آهي ته: ”لکي عرب دور حڪومت کان اڳ قائم هو ۽ لکو مل جي نالي پٺيان شھر لکي سڏجڻ لڳو.“ مقامي سطح تي هڪڙي عام روايت هي به ملي ٿي ته: ”لکيءَ وارو سڄو علائقو جتوئي پرڳڻو هوندو هو ۽ ان پرڳڻي جي مشھور شخصيت لکو جتوئي 1600 کان 1620ع ڌاري اهو شھر ٻڌايو. لکي شھر ماضيءَ ۾ وڏو واپاري مرڪز رهيو آهي، پر پوءِ شڪارپور جي چئني پاسي روڊ رستا ٺھڻ ڪري، آسپاس جي ماڻهن شڪارپور جو رُخ ڪيو ۽ وڏي لڏپلاڻ ٿيڻ ڪري لکيءَ جي واپاري منڊيءَ کي وڏو ڌڪ رسيو آهي. هٿ جي هُنر جي حوالي سان به لکي مشھور رهيو آهي. لکيءَ کي ڪيترا ئي ڀيرا درياهه ٻوڙيو ان ڪري هن شھر جي چوڌاري ڪچو قلعو ٺاهيو ويو ته جيئن شھر کي بچائي سگهجي. ويھين صديءَ جي شروع ۾ غلام شاهه نالي هڪ وڏو حڪيم هن شھر ۾ ٿي گذريو آهي، جيڪو طب جو وڏو ڄاڻو هو ۽ لکي شھر ۾ سندس حڪمت خانو هو، جنھن ڪري لکيءَ جي نالي سان غلام شاهه جو نالو ڳنڍيو ويو، هاڻي لکي غلام شاهه سڏجي ٿو. لکيءَ کي 30 جنوري 1979ع تي تعلقي جو درجو ڏنو ويو، آباديءَ جي لحاظ کان هي وڏو تعلقو آهي. جھڙي ريت لکي واپاري مرڪز رهيو آهي، ساڳيءَ طرح علم ۽ ادب جو به مرڪز رهيو آهي. شھر جي هن وقت آبادي 10 هزارن جي لڳ ڀڳ هوندي.