
لڪيءَ جا گندرفي چشما
لڪيءَ جا گندرفي چشما: لڪي ريلوي اسٽيشن کان ٻه ڪلوميٽر اولهه ۾ لڪي جبل جي پاڙ وٽ ڌرتيءَ مان نڪرندڙ ٽي گندرفي چشما آهن، جن مان هڪ چشمو سنڌ ۾ موجود سڀني گرم چشمن ۾ وڌيڪ گرم آهي. هندو لوڪ هن ماڳ کي تيرٿ ڌارا چون ٿا. چيو وڃي ٿو ته هندن هن ماڳ کي وڏي تيرٿ وانگر پوڄيندا هئا/آهن. اهو ئي سبب هو جو هتي شِو جا ٻه مندر به موجود آهن.هنن موجود ٽن چشمن مان هڪڙو تمام گرم، جيڪو سڀ کان وڏو به آهي. ٻيو گهٽ گرم ۽ ٽيون ٿڌو، پر ٽنهي چشمن جو پاڻي پيئڻ لائق نه آهي. وڏي گرم چشمي ۾ چمڙيءَ جا مريض وهنجندا آهن. گندرفي اثر جي ڪري ماڻهن کي خارش جي مرض مان اڪثر ڪري ڇوٽڪارو ملندو آهي. وڏي چشمي جي پاڻيءَ ۾ گندرف ڪجهه گهڻو آهي! گهٽ گرم وارو چشمو 14 فوٽ ويڪرو ۽ 20 فوٽ ڊگهو آهي. ٻيا گرم پاڻيءَ جا چشما جيڪي 30 فوٽ ويڪرا ۽ 40 فوٽ ڊگها آهن. اهي ٻئي چشما حوض يا تلائن جي شڪل ۾ آهن ۽ زمين جي سطح کان اٽڪل 60 فوٽ مٿانھين تي آهن.