لڪياري: سيدن جو هڪ پاڙو، جنھن جو مورث سيد علي مڪي لڪياري هو، جيڪو عراق جي شھر سامري کان پنھنجي ساٿين سان گڏ سنڌ ۾ اچي ڀڳي ٺوڙهي جبل جي لڪ وٽ ڳوٺ ٻڌي ويٺو، جنھن تي ان لڪ جي نسبت سان ’لڪي‘ نالو پيو. اڳتي هلي اهو ڳوٺ آبادي وڌڻ ۽ بازار قائم ٿيڻ بعد شھر جي صورت اختيار ڪري ويو. بزرگ کي جيڪو اولاد پيدا ٿيو، اهو پڻ ان لڪ ۽ لڪي شھر جي نسبت سان ’لڪياري سيد‘ سڏجڻ لڳو ۽ اتان لڪياري سيدن جو بنياد پيو. سيد علي مڪي شاهه جي پڙپوٽي شاهه صدر جي درگاهه اڄ به موجود آهي. هنن لڪياري ساداتن مان يعقوب پوٽا، ميان پوٽا، مراديه، محمدي ۽ راشدي ۽ ٻيا اهم پاڙا آهن. يعقوب پوٽن مان سيوهڻ وارا ’لڪياري سادات‘، سيد محمد مراد شاهه سيد حاجن شاهه، سيد الله بخش شاهه، راشدي ساداتن مان ’پير پاڳارو‘ خاندان ۽ ٻيا راشدي، ميان پوٽن مان آراضي وارا سيد، سيد غلام حسين شاهه، سيد ڪوڙل شاهه ۽ سيد نظر علي شاهه وارا، مراديه لڪياري سادات مان آمريءَ وارا ۽ محمدي مان ٺٽي وارا سيد آهن.
تحفة الڪرام موجب لڪياري سيدن جو شجرو هن طرح آهي: سيد علي مڪي لڪياري بن سيد عباس بن سيد حسين بن سيد راشد بن سيد زيد بن سيد جعفر بن سيد عمران بن سيد هارون بن سيد عبدالله الاشرف بن سيد قاسم بن سيد عبدالله بن امام موسيٰ ڪاظم عه.