لڪ لڪوٽي

لڪ لڪوٽي

لڪ لڪوٽي

لڪ لڪوٽي (راند): هيءَ ٻاراڻي راند ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ٻئي کيڏندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏجي به کيڏن. هن راند ۾ هڪ ٻار کي اکين تي هٿ رکرائي ويھاريندا، ان جي چوڌاري پڙ (گول ليڪو) ڪڍندا ۽ سندس مٿي تي ٻيا ٻار مُٺيون ڀيڙي هڪ ٻئي جي مٿان رکندا. هڪ ٻار جي هڪ مُٺ ته ٻئي ٻار جي ٻي، ائين سڀئي مُٺيون رکي ويندا ۽ هڪ ٻار وڏي آواز چوندو ته: لڪ لڪوٽو… پاڻي ڀري ڦوٽو، ڦوٽا ڦڪيندس، لونگ لٽيندس، هيٺئڙو ڀڄي يا مٿيئڙو ڪِ وچون؟ پوءِ جيڪو ٻار اکيون پوريو ويٺو هوندو، انهيءَ جي مرضي هيٺيون چوي يا مٿيون يا وچئون. جنھن جي نالي چيائين، اهو انهيءَ قطار مان مُٺيون ڪڍي، ڀڄي وڃي لڪندو. پوءِ وري ائين ورجاءُ ٿيندو رهندو، تان جو سڀ ڀڄي وڃي لڪندا ۽ آخر ۾ هڪ ٻار رهندو، جنھن تي آڳ ايندي پوءِ آڳ ڏيڻ وارو اٿي کين ڳوليندو، جنھن کي پڙ ۾ اچڻ کان اڳ هٿ لاتائين سو کاتو. اهو آڳ ڏيندو ۽ جنھن کي وجهه لڳندو، سو ڊوڙي اچي پڙ ۾ بيھندو ۽ چوندو ته: ”ڌو ڌو پڙ گهاتا“ جي ڳولڻ وارو ڪنھن کي به وٺي نه سگهيو ته وري آڳ ڏيندو هو.


لفظ لڪ لڪوٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو