ماسٽر غلام علي

ماسٽر غلام علي

ماسٽرغلام علي موسيقار

غلام علي (موسيقار): ماسٽر غلام علي جو جنم 1932ع ۾ سيد جمال شاھہ بخاري پاڙي حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس والد صاحب جو نالو استاد واحد بخش خان هو. سندس گائيڪيءَ ۾ استاد خانصاحب برڪت علي خان هو. جڏهن تہ موسيقيءَ ۾ سندس روحاني استاد هندستان جو مشھور موسيقار نوشاد هو. جڏهن تہ نوشاد خود بہ هڪ سنڌي موسيقار بلوسي راڻي جو شاگرد هو. غلام عليءَ جو واسطو ماڙيچا گهراڻي جي ڏگي خاندان سان هو. سنڌي موسيقيءَ ۾ گهڻن سازن سان ڪمپوز ڪري ڳارائڻ جو اعزاز سڀ کان پهريائين ماسٽر غلام علي صاحب کي حاصل آهي، نہ صرف ايترو پر سندس شمار سنڌي موسيقيءَ جي شروعاتي دؤر وارن مڃيل ۽ سر فهرست موسيقارن ۾ ٿئي ٿو، کيس سنڌي ۾ موسيقيءَ جي دنيا جي نوشاد جو لقب مليل آهي. ماسٽر غلام علي پنھنجي فن جي شروعات اسٽيج ڊرامن ۾ هيرو ۽ موسيقار جي حيثيت سان 1949ع ۾ ڪئي، سندس پهريون ڊرامو ’بيجو باوره’ هو، جيڪو حيدرآباد ۾ اسٽيج ڪيو ويو هو. هن ڊرامي جي موسيقي ماسٽر غلام علي ڏني، جڏهن تہ ڊرامي ۾ بيجو باوره جو ڪردار بہ ادا ڪيائين، ان ڊرامي جي ڪاميابيءَ کان پوءِ هڪ ٻيو اسٽيج ڊرامو ’ڇنڪ ڇنڪ پايل باجي‘ ڪيو، جنهن ۾ هندستاني فلم انڊسٽريءَ جي مشھور ڊانسر هيلن پڻ رول ادا ڪيو هو. فاطمہ جناح جي زندگيءَ تي ٺاهيل هڪڙي ڊاڪيومينٽري فلم جي موسيقي پڻ ماسٽر غلام عليءَ ڏني، جنهن تي 1953ع ۾ کيس اوارڊ مليو، جيڪو کيس محترمہ فاطمہ جناح پنھنجي هٿن سان ڏنو. ان کان پوءِ ماسٽر غلام عليءَ کي پهرين اردو فيچر فلم ‘پروفيسر’ جي موسيقي ڏيڻ جو موقعو مليو، جنهن ۾ رونا ليليٰ کان 11 سالن جي عمر ۾ هن گانو “جنم جنم تيرا ميرا ساٿ رهي گا، او مَن ڀائي پيا” ڳارايو، جيڪو پوري ملڪ ۾ مشھور ٿيو ۽ هن گاني کي ‘ٿرڊ ايشين’ اوارڊ پڻ مليو. جنهن کان پوءِ فلم ‘استادون ڪي استاد’ جو هڪ گانو، جيڪو پڻ رونا ليليٰ ڳايو “ميري همسفر تم همين نہ ڀلانا” جي موسيقي ڏنائين.1963 ع ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٺهيل مشھور فلم ‘شھرو فيروز’ ۾ موسيقيءَ جا جوهر ڏيکاري پنهنجو الڳ ٿلڳ مقام حاصل ڪري ورتو، جنهن جو گانو “راحت ملي ٿي درد ۾ مان تان صدقي'>پيار تان صدقي” تمام گهڻو مشھور ٿيو، جنهن کان پوءِ ماسٽر غلام علي وٽ ڊائريڪٽرن ۽ پروڊيوسرن جي لائين لڳي وئي. سنڌي فلمي دنيا ۾ ڌمال جو تصور بہ ماسٽر غلام عليءَ ڏنو. پهرين سنڌي ڌمال “صدقي صدقي لال قلندر، سيوهڻ جا سردار قلندر” ماسٽر غلام عليءَ جي ٺاهيل مشھور ڌن آهي. ان کان پوءِ “پيرن فقيرن جي سنڌڙي سونهاري” لطيف سائين تي ڌمال ۽ پوءِ سچل سائين تي ڌمال “جنهن دل پيتا عشق جا جام” جي موسيقي ڏئي وڏو نالو ڪمايائين. ماسٽر غلام علي سرائيڪي گانو: “ڪونجان ڏي خبران ميڏي ماهي ديان” رونا ليليٰ جي آواز ۾ ڳارايائين. فلم ‘مٺڙا شال ملن’ (1972ع) جا سمورا گانا سپر هٽ ٿيا، جنهن ۾ رونا ليليٰ جو جمالو ۽ عبدالغفور جو ڳايل شيخ اياز جو گيت “سنڌڙي تي سر ڪير نہ ڏيندو” ڏاڍا مشھور ٿيا. شھيد ذوالفقار علي ڀٽي اهو گيت ٻڌي، ڪراچي ايئرپورٽ تي شيخ اياز کي کلندي چيو هو تہ “اياز سنڌ تي ڏاڍا گانا ٿو لکين.” تڏهن شيخ اياز سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هو. ان کان سواءِ “منهنجا سائين سنڌي ٽوپي وارا” بہ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. فلم ‘ليليٰ مجنون’ (1971ع) ۾ محمد يوسف کان ‘عشق حسن دي کيل هزار’ سچل سرمست جو ڪلام ڳارايائين. ماسٽر غلام علي فلم ’شھيد‘، ’سنڌڙي تان صدقي‘، ’دشمن‘، ’جيجل ماءُ‘، ’رت جا رشتا‘، ’پنو عاقل‘ جي موسيقي ڏٺي ۽ گانا ڳارايا، ان کان سواءِ ڪيترين ئي ٻين فلمن جا گانا پڻ رڪارڊ ڪرايا، جيڪي ٺھي نہ سگهيون. ماسٽر غلام علي هڪڙي پنجابي فلم ’وفاداريان‘ جي موسيقي پڻ ڏني هئي. سنڌي فلمن تي زوال اچڻ کان پوءِ ماسٽر غلام علي پي.ٽي. وي سينٽر ڪراچي ۾ سوين گانن جي موسيقي ترتيب ڏني ۽ ڪيترن ڊرامن (ناٽڪن) ۾ پڻ موسيقي ترتيب ڏنائين، جن ۾: ’مور اڏاڻا مور‘، ’مٽيءَ جا ماڻهو‘، ’راڳي رنگ‘، ’آخري دم تائين‘، ’پرک‘ وغيرہ شامل آهن. ماسٽر غلام علي جن فنڪارن کان ڳارايو تن ۾: نگهت سلطانه، محمد يوسف، محمد ابراهيم، وحيد علي، سينگار علي سليم، رونا ليليٰ، مهناز، حميرا چنا، ثمينه ڪنول، سجاد يوسف، امير علي، مائي ڀاڳي ۽ ٻيا شامل آهن. آخري دؤر ۾ ماسٽر غلام علي پنھنجي فرزند تعمير حسين کي متعارف ڪرايو، جيڪو هڪ سُٺي سريلي ۽ پختي گائيڪ طور مشھور آهي. ماسٽر غلام عليءَ جي موسيقي ۾ ٺهيل فلمن جو وچور هي آهي: (1) ’پنو عاقل‘ (1970ع)، (2) ’رنگ محل‘ (1970ع)، (3) ‘نوري ڄام تماچي’ (1970ع)، (4) ‘ليليٰ مجنون’ (1971ع)، (5) ‘محبوب مٺا’ (1971ع)، (6) ‘مٺڙا شال ملن’ (1972ع)، (7) ‘البيلي’ (1973ع)، (8) ‘جيجل ماءُ’ (1973ع)، (9) ’پيار ڪيو سينگار‘ (1974ع)، (10) ’تان صدقي'>پيار تان صدقي‘، (11) ’منهنجو پيار پڪاري‘، (12) ’رت جا رشتا‘، (13) ’رت ۽ اجرڪ‘ (1977ع)، (14) ’ڌرتي ۽ آڪاش‘ (1979ع)، (15) ’اميد‘ (1983ع)، (16) ’ممتاز‘ (1984ع)، (17) ’حيدر خان‘ (1985ع)، (18) ’هو جمالو‘ (1986ع)، (19) ’مهراڻ جا موتي‘ (1988ع)، (20) ’دشمن‘ (1988ع) ، (21) ’علي گوهر‘، (22) ’بيوس‘ (1989ع)، (23) ’شھيد‘، (24) ’جيئي لطيف‘ (1990ع)، (25) ’محب شيدي‘ (1992ع)، (26) ’مسٽر شڪارپوري‘ (1992ع)وغيرہ. ماڙيچا گهراڻي جي هن نامور موسيقار جنهن غلام نبي عبداللطيف ڀائرن کان بہ گهڻين فلمن جي موسيقي ترتيب ڏني ۽ فلمي موسيقي جي خدمت ڪئي. پاڻ 28 اپريل 1995ع ۾ وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو