ماڻڪ ڪنگراڻي

ماڻڪ ڪنگراڻي

ماڻڪ ڪنگراڻي

ماڻڪ ڪنگراڻي: شاعر، ڪھاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ صحافي ماڻڪ ڪنگراڻي ولد سومر خان ڪنگراڻي 26 مارچ 1978ع تي ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻي، تعلقي جوھي، ضلعي دادو ۾ جنم ورتو. سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ايم.اي ڪرڻ کانپوءِ ھن 1993ع ۾ ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون. سندس پھرين ٻاراڻي ڪھاڻي روزاني ’عوامي آواز‘ ڪراچي ۾ ڇپي. سندس ٻيون ڪھاڻيون مختلف رسالن جھڙوڪ: ماھوار ”سنڌ سجاڳ“ ڪراچي، ”عبرت“ ميگزين حيدرآباد، ”سنڌ رنگ“حيدرآباد، ”ٽماھي مھراڻ“ سنڌ ادبي بورڊ ڄامشورو، ”نئون نياپو“ ڪراچي ۾ ڇپيل آھن. 1999ع ڌاري حيدرآباد مان صحافت جي شروعات ڪيائين. 2003ع کان ڊراما لکڻ شروع ڪيائين، جيڪي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ تان نشر ٿيا. سندس ڪيترا سنڌي ۽ اردو ڊراما پي.ٽي.وي ڪراچي، ڪي.ٽي.اين ۽ سنڌ ٽي وي سميت مختلف چينلن تي نشر ٿيا. سندس اردو ڊرامو ”بدلتا ھي رنگ“ ۽ سنڌي ڊراما ”ريشمي ڏور“، ”اڌورو خواب“ رڻ ۾ رات ٺري، کاٽ، مياڻ، وياج، کوٽو سڪو ۽ اکرڀور تمام گهڻا مقبول ٿيا. صحافي جي حيثيت سان ھن ڪاوش، سنڌو، تعمير سنڌ، واڪا ڪراچي، جيجل، عوامي آواز ۽ مختلف اردو اخبارن ۾ رپورٽر، سبب ايڊيٽر ۽ اسڪرپٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. کيس ٻه ڀيرا بھترين ڊرامه ليکڪ ايوارڊ 2008ع ۽ 2013ع ۾ ملي چڪا آھن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ڀڳت ڪبير جي شاعري- فن ۽ فلسفو (2000ع)، ردي پنا (ڪھاڻيون، 2007ع) ستين آسمان جا فرشتا (ڪھاڻيون 2014ع) شامل آھن. 21 مارچ 2025ع تي وفات ڪئي.


لفظ ماڻڪ ڪنگراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.03.26  عيسوي

شاعر، ڪھاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ صحافي ماڻڪ ڪنگراڻي ولد سومر خان ڪنگراڻي 26 مارچ 1978ع تي ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻي، تعلقي جوھي، ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سرائي محمد علي خاصخيلي
ڪلياڻ آڏواڻي
رئيس امروهوي
ساڌنا شوداساڻي
دائود بن نصر
فريال ٽالپر
ٻيڙو مير بحر
بروهي علي احمد
اياز ڀاڳت
آزاد حنيف
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون