متوا

مُتوا: ٻني، ضلعي ڪڇ (هندستان) ۾ رهندڙ ھڪ ننڍڙي برادري ، جيڪا ميرن جي دور ۾ سنڌ کان اچي ھتي آباد ٿي. ھيءَ مالوند ۽ خانھ بدوش ھئا، پر پوءِ سڀ ‘ٻنوري’ نالي ھڪ جڳھھ تي اچي سڪونت پذير ٿيا. مُتوا جڏھن ‘ٻنيءَ’ ۾ آيا ان وقت ھتي منڌرا ۽ ھنڱورا آباد ھئا. ٻنيءَ ۾ مُتون جا نو ڳوٺ: ڌونرڏو، مٺڙي، پناھواري، پٽگهار، گهريواري، اڏو، سيڻياڏو ، آڌيانگ ۽ ڦلائي آهن. انهن سڀني ڳوٺن ۾ صرف متوا ئي رھندا آھن. انهن ڳوٺن جي ڪل آبادي پنج ھزار کن ٿيندي. گجرات جي ڪاٺياواڙ ۽ ھالار علائقي ۾ بھ مُتوا رھن ٿا. جيڪي پاڻ کي وري ‘مَتوا’ سڏائين ٿا. بھادر ھجڻ سبب ڄام ننگر جي ڄام ھن برادريءَ جي ماڻهن کي پنھنجي راڄ ۾ ويھاريو. ائين بھ چيو وڃي ٿو تھ جيڪي ھٿين خالي ھئا اھي ‘ٻنيءَ’ واري علائقي ۾ ئي رھي پيا. جن وٽ ھڙ ۾ ڪجهه ھو، اھي ڪاٺياواڙ طرف نڪري ويا. ٻنيءَ کان ٻاھر رھندڙ مَتوا ڄام ننگر واري ڪڇي ٻولي ڳالهائيندا آھن، جڏھن تھ ٻنيءَ ۾ رھندڙ مُتوا سنڌي ڳالهائيندا آھن.
روايت موجب، هن برادريءَ کان، ميرن زور زبردستي سڱ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. جنھن سبب ‘مُتون’ کي سنڌ ڇڏڻي پئي ۽ ھتي ٻني ـــ ڪڇ ۾ اچي خيما کوڙيا. ٻنيءَ ۾ رھندڙ مُتوا چوپايو مال ڌاريندا مالوند ماروئڙا آھن. سندن سڄو گذران چوپائي مال تي آھي.
مُتون جا ڪڇ سان ھميشھ گھرا تعلقات رھيا آھن. پراڻي زماني ۾ ٿيندڙ جنگين ۾ مُتون ھميشھ ڪڇ جي راءُ جي مدد ڪئي. ميرن ۽ جتن جي وچ ۾ ٿيل ‘ڀٽاري واري جنگ’ ۾ جتن سان گڏ مُتوا بھ شامل ھئا، جنھن جو ذڪر روايتي طور ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي مرتب ڪيل ‘جنگ نامھ’ ڪتاب ۾ بھ ملي ٿو. انهيءَ جنگ ۾ مارجي ويلن ۾ عبدالڪريم مُتوو، ٽيڪم ۽ گوبند ميگهواڙ شامل هئا. ‘چڱو جتان زماني جو مشھور شاعر ھو. جيڪو ‘ڇاڻي’ ۽ ‘لوڻي’ وارين جنگين ۾ شامل رھيو. انهيءَ جنگ جو چٽ چٽيندي شاعر چڳو جت لکي ٿو ته:
جي ‘لاکاڻي’ ‘لوڻي’ ۾ ھئا ھدائي،
ٻيا ‘منداڻيءَ’ مدد ۾ ھئا ڀرجهلا ڀائي،
ٽيا ‘ناٿاڻي’ ننگ ڀريا شير ھئا شاھي،
‘مُتوا’ تنھن ماليات ۾ ھئا چوکا چوٿائي،
ميان ‘موراڻا’، ڪيترا ھئا ‘درس’ داداھي،
اتم ‘عبدالڪريم’ سان جي مرد ھئا ماھي.
مٿي ڏنل شعر جي مصرع ۾ شاعر عبدالڪريم جو ذڪر آهي، جيڪو مُتوو ھو، ۽ اُن جا پونير اڄ بھ ٻنيءَ جي ‘ڌونرڏو’ ڳوٺ ۾ آباد آھن. تنھن کان علاوه مُتون ۾، موراڻا ۽ درس نکن جو بھ ذڪر آھي. ڪڇ جي ابڙاسي علائقي جي ‘آريکاڻا’ ڳوٺ جي ‘سيد حُسين شاھھ’ نالي ھڪ شخص جي ھٿ اکرن ۾، 1377ھھ جي لکيل تحرير ملي ٿي. جنھن ۾ ھن ‘مُتون’ کي محمود غزنوي جو اولاد سڏيو آھي. سنڌ ۾ ‘نيرن’ نالي ھڪ راجا ھو، جنھن جو چنيسر نالي ھڪ وزير ھو. چنيسر کي ‘سڀائي’ نالي ھڪ سھڻي ڌيءَ ھئي. اھا خبر غزنويءَ کي ملي. غزنوي ويھھ ھزار ماڻهن تي مشتمل فوج سان سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ ‘سڀائيءَ’ جو سڱ گهريو. اهڙي طرح ‘نيرن’ چاليھھ ھزار ماڻهن سميت اسلام قبول ڪري، سڀائيءَ جو پرڻو غزنويءَ سان ڪيو. جنھن مان سڀائيءَ کي ‘متو’ ۽ ‘موراڻو’ نالي پٽ ٿيا. ٻنيءَ ۾ اھي ٻئي نکون اڄ بھ آھن.
ڪڇ جي اولھھ واري سامونڊي ڪناري تي موجود ‘ڪورياڻي’ ۽ ‘ڪپوراسي’ ڳوٺ جي وچ ۾ ھڪ تمام وڏو قبرستان آھي. جنھن کي اڄ بھ ‘متون جو مقام ’ چيو وڃي ٿو. ان کان علاوه ‘جهاري ڳوٺ’ جي ڀر ۾ بھ ھڪ ننڍڙو مقام آھي ان کي بھ ‘مُتون وارو مقام’ چيو وڃي ٿو. اتي ھڪ ننڍڙي ڀٽ بھ آھي جنھن کي ‘مُتوا ڀٽ’ سڏيو وڃي ٿو. اهڙين جڳھين جي وجود مان ائين لڳي ٿو تھ ڪنھن زماني ۾ لکپت واري پاسي ‘مُتوا’ برادري وڏي تعداد ۾ صدين تائين آباد ھئي، پر ھاڻي انهن ڳوٺن ۾ ‘مُتون’ جو ڪو به گهر موجود ڪونهي. مُتون جي اتھاس بابت سيد حسين شاھھ ‘غنيت الڪائنات’ نالي ھڪڙي ڪتاب جو حوالو ڏنو آھي. انهيءَ ڪتاب مان شايد ڪو پتو پئجي سگهي ٿو. تعليم ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن ۾ ‘مُتوا’ برادري ٻين برادرين جي ڀيٽ ۾ اڳري آهي. سنڌي ٻوليءَ جي مشھور شاعر، استاد ۽ ڪھاڻيڪار ڪلاڌر مُتوا جو تعلق بہ ھن برادري سان آهي.



لفظ متواھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو