سروري محبوب

سروري محبوب

محبوب سروري

محبوب سروري : ناليوارو شاعر ۽ اديب محبوب سروري، 8 جنوري 1934ع تي ڳوٺ جاڙي پنهور، هوسڙي، ضلعي حيدرآباد ۾ محمد صديق پنهور جي گهر جنم ورتو. هن تي ڇٺيءَ جا نالا محمد بچل ۽ محبوب علي رکيا ويا. شاعريءَ ۾ محبوب نالو ۽ سرور تخلص ڪتب آندائين ۽ اهو ئي نالو عام و خاص ۾ مشھور ٿيو. هن نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ، سروري اسلاميہ ڪاليج هالا مان انٽر ۽ سـنڌ يـونيـورسـٽيءَ مـان بي. اي ۽ ايم اي تائين تعليم حاصل ڪئي. ان کانپوءِڪميشن ڏيئي ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ اڳتي هلي طالب الموليٰ اورينٽل ڪاليج هالا جو پرنسپال بہ رهيو. شاعريءَ ۾ سندس استاد طالب الموليٰ هو. هن جي شاعريءَ ۾ قومي ۽ روايتي رنگ نمايان آهي. سندس شاعريءَ ۾ تغزل، اشاريت، معنويت جهڙيون خوبيون چٽيون نظر اچن ٿيون. سندس ڪلام ۾ محاورن، اصطلاحن جي ڪتب آڻڻ، برجستگي، رواني، جذبن جي فراوانيءَ جي موجودگي کيس عروضي شاعريءَ ۾ اهم درجو عطا ڪن ٿا. اصلاحي تنقيدون، حسن ۽ جمال، نيرنگين جو بيان، وفا ۽ جفا جون حڪايتون، محبوب جي عنايتون ۽ شڪايتون ۽ محبوب جي ثنا سندس شاعريءَ جا اهم موضوع آهن. سندس غزل جي هڪ بند جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو: تنھنجا واسينگ مثل وار بہ سبحان الله، تنھنجي گفتار ۽ رفتار بہ سبحان . هن غزل، قطعي، نظم وغيرہ جهڙين صنفن تي بہ طبع آزمائي ڪئي آهي. محبوب سروري 12اپريل 2018غ تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.01.08  عيسوي

ناليوارو شاعر ۽ اديب محبوب سروري، 8 جنوري 1934ع تي ڳوٺ جاڙي پنهور، هوسڙي، ضلعي حيدرآباد ۾ محمد صديق پنهور جي گھر جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻڍل فقير
غلام محمد خانزئي
بسنت ڪمار تياڳي رائچنداڻي
عبدالحئي ڀٽو
بھاؤالدين
تراب بروهي
علي بخش ڪمتر
پلي مل محمود
بلند شاھہ
شيخ فرازي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون