محمد ابراهيم جان خليل ٽکڙائي : حضرت آقا محمد حسين جان سرهنديءَ جو پوٽو، حضرت خواجہ محمد حسن جان جو ڏهٽو ۽ آقا محمد اسماعيل جان ”روشن“ جو ٻيو نمبر فرزند محمد ابراهيم جان ”خليل“ رمضان المبارڪ 1334ھہ/ 1915ع ۾ ڄائو. ننڍپڻ ۾ پنھنجي والد ۽ ڏاڏي کان عربي، پارسي، سنڌي ۽ فقہ ۾ چڱي تعليم حاصل ڪيائين. سنڌي چوٿين درجي کان پوءِ ”سنڌ مدرسة الاسلام“ ڪراچيءَ ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ داخل ٿيو. سندس ذهانت ۽ علم لاءِ شوق کيس ايتري فوقيت ڏني هئي جو اتي ڪيترا مئٽرڪ جا شاگرد کانئس عربي ۽ پارسيءَ جي ڏکين لفظن جي معنيٰ پڇندا هئا. انهيءَ زماني ۾ انگريزي تعليم علمائي ڪرام ۽ مشائخين عظام کي ڏکي لڳندي هئي ۽ پنھنجي اولاد کي انگريزي پڙهائڻ کان عار لڳندو هو. آغا حسين جان ۽ آغا اسماعيل جان، علماءِ ڪرام جي پيروي ڪندي، صاحبزادن کان انگريزي تعليم ترڪ ڪرائي ڳوٺ وٺي آيس، مگر هن علم جي طالب کي اها ڳالھہ ڏکي لڳي ۽ جلد ئي سنڌ کي الوداع ڪري، ”طيبہ ڪاليج دهلي“ داخل ٿيو، جتان چند سالن بعد سند يافتہ ٿي واپس وطن ڏانهن وريو. حديث شريف ۾ سنڌ ۽ هند جي ڪيترن عالمن کان سندون حاصل ڪيون اٿس. پير صاحب نهايت خليق ۽ ملنسار شخص آهي. سندس ڪچهري نهايت لطف واري ۽ گفتگو رس واري آهي. جيتوڻيڪ پير صاحب جو ڪو بہ ڪتاب شايع ٿيل ڪونه آهي. نڪي پاڻ ايترو نثر لکي ٿو، تاهم جيڪي ڪجهہ لکي ٿو سو نهايت مرصع آهي ۽ سندس زبان دانيءَ تي دلالت ڪري ٿو. ننڍپڻ کان پيءُ ۽ ڏاڏي جي صحبت ۾ رهڻ ڪري، پير صاحب شعر چوڻ شروع ڪيو. سندس استاد خود سندس والد هو. سندس شعر پختو ۽ تخيل سان پر آهي. تجنيس حرفي، صاف سنڌي محاورہ وغيرہ سندس ڪلام ۾ گهڻي قدر موجود آهن. ڏوهيڙا وغيرہ بہ چيا اٿس.
1915.00.00 عيسوي
محمد ابراهيم جان خليل رمضان المبارڪ 1334هه/ 1915ع ۾ ڄائو