محمد ابراهيم جان خليل ٽکڙائي

محمد ابراهيم جان خليل ٽکڙائي : حضرت آقا محمد حسين جان سرهنديءَ جو پوٽو، حضرت خواجہ محمد حسن جان جو ڏهٽو ۽ آقا محمد اسماعيل جان ”روشن“ جو ٻيو نمبر فرزند محمد ابراهيم جان ”خليل“ رمضان المبارڪ 1334ھہ/ 1915ع ۾ ڄائو. ننڍپڻ ۾ پنھنجي والد ۽ ڏاڏي کان عربي، پارسي، سنڌي ۽ فقہ ۾ چڱي تعليم حاصل ڪيائين. سنڌي چوٿين درجي کان پوءِ ”سنڌ مدرسة الاسلام“ ڪراچيءَ ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ داخل ٿيو. سندس ذهانت ۽ علم لاءِ شوق کيس ايتري فوقيت ڏني هئي جو اتي ڪيترا مئٽرڪ جا شاگرد کانئس عربي ۽ پارسيءَ جي ڏکين لفظن جي معنيٰ پڇندا هئا. انهيءَ زماني ۾ انگريزي تعليم علمائي ڪرام ۽ مشائخين عظام کي ڏکي لڳندي هئي ۽ پنھنجي اولاد کي انگريزي پڙهائڻ کان عار لڳندو هو. آغا حسين جان ۽ آغا اسماعيل جان، علماءِ ڪرام جي پيروي ڪندي، صاحبزادن کان انگريزي تعليم ترڪ ڪرائي ڳوٺ وٺي آيس، مگر هن علم جي طالب کي اها ڳالھہ ڏکي لڳي ۽ جلد ئي سنڌ کي الوداع ڪري، ”طيبہ ڪاليج دهلي“ داخل ٿيو، جتان چند سالن بعد سند يافتہ ٿي واپس وطن ڏانهن وريو. حديث شريف ۾ سنڌ ۽ هند جي ڪيترن عالمن کان سندون حاصل ڪيون اٿس. پير صاحب نهايت خليق ۽ ملنسار شخص آهي. سندس ڪچهري نهايت لطف واري ۽ گفتگو رس واري آهي. جيتوڻيڪ پير صاحب جو ڪو بہ ڪتاب شايع ٿيل ڪونه آهي. نڪي پاڻ ايترو نثر لکي ٿو، تاهم جيڪي ڪجهہ لکي ٿو سو نهايت مرصع آهي ۽ سندس زبان دانيءَ تي دلالت ڪري ٿو. ننڍپڻ کان پيءُ ۽ ڏاڏي جي صحبت ۾ رهڻ ڪري، پير صاحب شعر چوڻ شروع ڪيو. سندس استاد خود سندس والد هو. سندس شعر پختو ۽ تخيل سان پر آهي. تجنيس حرفي، صاف سنڌي محاورہ وغيرہ سندس ڪلام ۾ گهڻي قدر موجود آهن. ڏوهيڙا وغيرہ بہ چيا اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1915.00.00  عيسوي

محمد ابراهيم جان خليل رمضان المبارڪ 1334هه/ 1915ع ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي محمد قائم جي مسجد
آءِ ايڇ عثماني ڊاڪٽر
حاجي عبدالله خان مومن
سيد نور محمد شاھہ
ائٽڪن اِي ايڇ
الھڏتو وگهيو
رواح بن اسد
رحمان قلي چرڪس
بھاءُ الدين ذڪريا
آري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون