محمد ابراهيم ٽکڙائي

ٽکڙائي، محمد ابراهيم: حافظ ”حامد“ جو ٽيون فرزند محمد ابراهيم، اٽڪل 1288ھہ/ 1871ع ڌاري، اڳينءَ ٽکڙ ۾ ڄائو. ننڍپڻ کان ئي نهايت حليم الطبع ۽ سادو سودو هوندو هو. والد جي وفات کان پوءِ پنھنجي ڀاءُ محمد دائود سان گڏ پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ ڀرتي ٿيو. مگر ٻن ٽن سالن جي ملازمت کان پوءِ دل کٽي ٿي پيس ۽ نوڪري ڇڏي اچي ڳوٺ ويهي رهيو. پنھنجي گذر اوقات لاءِ ڪو هٿ پير ڪونه هنيائين، ڄڻ تہ سندس روز ڪو الستي هو. گاهي گاهي شعر گوئي ڪندو هو. سندس طبيعت رندانه ۽ طريقو قلندراڻو هو. سندس ڪلام ۾ چند غزل ۽ ڪافيون آهن. محمد ابراهيم 1353ھہ/ 1934ع ۾ 65 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1871.00.00  عيسوي

محمد ابراهيم اٽڪل 1288هه/ 1871ع ڌاري اڳينءَ ٽکڙ ۾ ڄائو


1934.00.00  عيسوي

محمد ابراهيم 1353هه/ 1934ع ۾ 65 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قاضي اياز مھيسر
حضور بخش گوپانگ
آغا سليم
ڄام پراگمل- I
جون رضہ
ڪان موتيھار
رالف للي ٽرنر سر
تاج محمد مشتاق
بھاءُ ﷲ بھائي
الحاج سيد حاجي عبدالرحيم شاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون