محمد اسماعيل جان روشن ٽکڙائي

محمد اسماعيل جان روشن ٽکڙائي :محمد حسين جان سرهنديءَ جو وڏو فرزند محمد اسماعيل جان ”روشن“ 1307ھہ/ 1889ع ۾ موجودہ ٽکڙ ۾ ڄائو. سندس ولادت ۽ پرورش هڪ اهڙي عظيم المرتبت گهر جي آغوشِ علم و عرفان ۾ ٿي، جو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. خواجہ عبدالرحمانرحه پنھنجي هن پوٽي جي باري ۾ ڪيتريون ئي بشارتون ڏنيون. 1312ھہ/ 1894ع ۾ کيس علامہ يوسف جي مڪتب ۾ ويهاريو ويو. مرحوم حافظ يوسف جي زندگيءَ ۾ ئي درس تدريس جو باگران ”دلگير“ مرحوم جي سر تي هو. 1322ھہ/ 1904ع ۾ حافظ يوسف جي رحلت کان پوءِ ”دلگير“ ۽ ”روشن“ صاحب جو باقاعدہ استاد ٿيو. حافظ صاحب وٽ قرآن، سنڌي، فقہ ۽ پارسيءَ کان سواءِ شعر و شاعريءَ ۾ چڱي مهارت حاصل ڪيائين. عربي ۾ علامہ ”فدا“ جي شاگرديءَ جو شرف حاصل هوس. 20 سالن جي عمر ۾ سندس شادي ٿي ۽ ٻن سالن بعد سڄي عيال سميت پهرين حيدرآباد پوءِ ٽنڊي محمد خان ۽ پوءِ ٿر ۾ سڪون پذير ٿيو. سندس پيدائش جو وڏو حصو اقربا نوازي ۽ مساڪين پروريءَ جو نذر ٿيندو هو. انهيءَ سبب ڪري باوجود وڏي زميندار هئڻ جي، وفات وقت ڪا بہ نقد رقم نہ ڇڏيائين. سندس عادت هوندي هئي تہ ڪڏهن بہ نوان ڪپڙا نہ پائيندو هو. ڇو تہ کيس اهو شڪ هوندو هو تہ ڪلف ڏيڻ وقت چرٻي استعمال ڪرڻ ۾ حلال ۽ حرام جو امتياز ڪونه ٿو ڪيو وڃي. ڪنهن ماڻهوءَ چيس تہ ”ٽامي چيني“ جي ٿانون جو روغن حرام جي هڏن مان ٺاهيو ٿو وڃي. پاڻ انهيءَ ڏينهن کان وٺي ڪڏهن بہ انهن ٿانون ۾ ڪونه کاڌائين. ولائتي کنڊ ۾ ڪو شڪ جاڳيس تہ انهيءَ کي کائڻ صفا ترڪ ڪري ڇڏيائين. پنھنجي والد جي اڪيلي فرزند هئڻ جي باوجود ڪڏهن بہ سندس باغ جو ميوو سندس اجازت کان سواءِ استعمال نہ ڪيائين. ٽکڙ جي ماڻهن سان آخري دم تائين محبت هوندي هيس. ٽکڙ جو ڪهڙو بہ غريب ماڻهو وٽس ايندو هو، تہ پاڻ ضروري ڪم ڪاريون ڇڏي، هن سان رهاڻ ۽ حال احوال جي ڏي وٺ ۾ مشغول ٿي ويندو هو. ٽکڙ مان لڏي وڃڻ کان پوءِ صرف هڪ دفعو 1354 ھہ/ 1935ع ۾ سيد حاجي عبدالحڪيم شاھہ جي وفات تي آيو. پنهنجن جهونن ساٿين ۽ اصلوڪن هنڌن ماڳن کي ڏسي، سندس اکين مان زار زار لڙڪ وهڻ لڳا. ڳوٺ جي هر هڪ ماڻهوءَ سان ڏاڍي محبت ۽ اڪير سان ڀاڪر پائي ملندو هو. سندس انهيءَ محبت ڪري ٽکڙ مان گهڻا ماڻهو لڏي وڃي سندس ڳوٺ ۾ آباد ٿيا. ۽ اتي ٻنيون ٻارا ڪرڻ لڳا. جن مان اڃا بہ ڪيترا ئي اتي آباد آهن. سندس ڪچهريءَ ۾ هميشہ ٽکڙ جي عالمن، اديبن، حڪيمن، سگهڙن، شاعرن ۽ پهلوانن جو تذڪرو هلندڙ هوندو هو. ”روشن“ صاحب 53 ورهين جي عمر ۾ 1361ھہ/ 1942ع ۾ وفات ڪئي. سندس لاش کي اتان کڻائي ”مقبره شريف“ ۾ سندس ڀاءُ محمد يعقوب جان جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو. ٽکڙ جي صالح صحبت، اعليٰ طرزِ تعليم، دلڪش فضا، شاعرانه ۽ اديباڻي ماحول ۾ هڪ ذهين، ذڪي ۽ سليم الطبع ٻار جو رهڻ سندس مستقبل جي روشن هجڻ جو آئيني دار ٿي سگهي ٿو. تيرهن چوڏهن سالن جي عمر ۾ جڏهن اڃا ٻاراڻي وهي هوندي آهي تہ پير صاحب تکڙ مان هڪ علمي ۽ ادبي ۽ ديني رسالو ”الاصلاح“ جاري ڪيو ۽ ڪيتري وقت تائين انهيءَ رسالي جي وسيلي ديني ۽ ادبي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ وڏي خدمت ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1889.00.00  عيسوي

محمد اسماعيل جان روشن 1307هه/ 1889ع ۾ موجوده ٽکڙ ۾ ڄائو


1942.00.00  عيسوي

محمد اسماعيل جان 53 ورهين جي عمر ۾ 1361هه/ 1942ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير رڪن الدين سخي
جاويد اقبال جسٽس
غلام محمد ملڪاڻي مولانا
بشير احمد انصاري ڊاڪٽر
حاجي غلام حسين ميمڻ
ظھير مهدي
اختر مورائي
ڀٽو مولا بخش مسڪين
آنند رامچند گولاڻي
عبدالعزيز ميمڻ مولانا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون