محمد اسماعيل سومرو

محمد اسماعيل سومرو: مولانا مفتي محمد اسماعيل ولد مفتي نبي بخش سومرو 1315هه/ 1895ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. سموري تعليم پنهنجي والد صاحب وٽ حاصل ڪري فارغ التحصيل ٿيو. ان کانپوءِ ديوبند ۽ عليڳڙهه ۾ تعليم حاصل ڪيائين. معقول ۽ منقول جو جيد عالم هئڻ سان گڏوگڏ فقھ ۽ تفسير جي وڏي ڄاڻ رکندو هو. عربي ادب، عروض ۽ عربي شاعريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. يارهن ڪتابن جو مصنف هو، جن مان ست ڪتاب عربيءَ ۾ ۽ باقي ٻين ٻولين ۾ آهن. انهن مان: (1) نورالايقان في اعجازالقرآن (عربي)، (2) نهايت البحث في مسائل الارث، (3) صفت العرفان بمفردات القرآن (ٻه جلد: عربي: لغت جي انداز ۾ قرآن مجيد جو تفسير)، (4) عزة النحو، (5) اطفاءَ الفرية في الاعفاءَ اللحيه، (6) تفسير والتين والزيتون (عربي مطبوعه)، فارسي زبان ۾ هڪ قصيدو ’تحفة العاشقين‘ ۽ (7) ’چهل حديث‘ شامل آهن. مولانا محمد اسماعيل سومري، 29 نومبر 1970ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.11.29  عيسوي

مولانا مفتي محمد اسماعيل ولد مفتي نبي بخش سومرو 1315هه/ 1895ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. 29 نومبر 1970ع تي وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٺٽوي ابراهيم قاضي
سيد مراد علي بکري
چوهڙ شيخ عبدالجليل
عبدالغني منصور سيال
قاضي عزيز الله ڏيٿو مٽياروي
سيد علي مڪي
سيد منصور ٺٽوي
عبدالرحمان جمالي مولانا
عبدالعزيز ٿريچاڻوي
صاحبداد جمالي مفتي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون