محمد اسماعيل سومرو

محمد اسماعيل سومرو: مولانا مفتي محمد اسماعيل ولد مفتي نبي بخش سومرو 1315ھہ/ 1895ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. سموري تعليم پنھنجي والد صاحب وٽ حاصل ڪري فارغ التحصيل ٿيو. ان کانپوءِ ديوبند ۽ عليڳڙھہ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. معقول ۽ منقول جو جيد عالم هئڻ سان گڏوگڏ فقھ ۽ تفسير جي وڏي ڄاڻ رکندو هو. عربي ادب، عروض ۽ عربي شاعريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. يارهن ڪتابن جو مصنف هو، جن مان ست ڪتاب عربيءَ ۾ ۽ باقي ٻين ٻولين ۾ آهن. انهن مان: (1) نورالايقان في اعجازالقرآن (عربي)، (2) نهايت البحث في مسائل الارث، (3) صفت العرفان بمفردات القرآن (ٻہ جلد: عربي: لغت جي انداز ۾ قرآن مجيد جو تفسير)، (4) عزة النحو، (5) اطفاءَ الفرية في الاعفاءَ اللحيه، (6) تفسير والتين والزيتون (عربي مطبوعه)، فارسي زبان ۾ هڪ قصيدو ’تحفة العاشقين‘ ۽ (7) ’چھل حديث‘ شامل آهن. مولانا محمد اسماعيل سومري، 29 نومبر 1970ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.11.29  عيسوي

مولانا مفتي محمد اسماعيل ولد مفتي نبي بخش سومرو 1315هه/ 1895ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. 29 نومبر 1970ع تي وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عباس شيخ
عبدالله قاضي
حسين سنڌي سيوستاني
عبدالله هالائي مولانا
علي بن موسيٰ ديبلي
سيد مراد علي بکري
عبدالعزيز شاھہ بخاري مولانا
عبدالله لغاري مولانا
عنايت ﷲ مهيسر ميان
خادم حسين شاھہ نقوي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون