
سمو محمد اڪرم
محمد اڪرم سمو (ڍولڪ ۽ شھنائي نواز) : محمد اڪرم ولد استاد علي بخش سمي جو تعلق رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي جي اهم ميراثي گهراڻي سان هو. هيءُ پنھنجي دؤر جو سريلو شھنائي نواز ۽ ڍولڪ جو ڀلوڙو وڄتيو هو. سنڌ جو ناميارو راڳي ديدار حسين سمو سندس فرزند ۽ نوجوان فنڪار ماسٽر فتح علي سندس پوٽو آهي. محمد اڪرم شرناءِ جي فن جي سکيا پنھنجي والد استاد علي بخش ۽ ڍولڪ جي سکيا استاد حاجي خان دوداپوريءَ کان ورتي. هيءُ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان بہ اڳ جو ڍولڪ نواز ۽ شرناءِ نواز هو. سندس فن ۾ هڪ انفراديت اها بہ هئي جو پيرسنيءَ واري عمر سبب هٿن جي آڱرين مان جوڀن واري طاقت ۽ ست ماٺو ٿيڻ ڪري، پنھنجي تجربي ۽ ڏاهپ کي ڪتب آڻيندي، ساڄي هٿ جي وچين آڱر ۾ ننڍڙي باريڪ ڪاٺي ٻڌي پوءِ ڍولڪ وڄائيندو هو ۽ ان ٻڌل ڪاٺيءَ جي وڄت سان ڍولڪ مان ’ڇانڀي‘ يا ’دهل‘ جهڙو آواز نڪرندو هو. ان ڪاٺيءَ کي سادن لفظن ۾ ’ڇيت‘ ڪري سڏيندو هو. سندس اهو تجربو ڏسي ڪافي ڍولڪ نوازن اهو ساڳيو تجربو ڪيو، پر سندس جهڙو نتيجو نہ ڪڍي سگهيا. استاد محمد اڪرم سمي کي پنھنجي فن سان بي انتها محبت هئي، پيرسنيءَ جي عمر ۾ بہ سندس فن جوان هو، ايتريقدر جو سندس وفات بہ هڪ محفل ۾ ڍولڪ وڄائڻ دوران ٿي. هو 1999ع ڌاري وفات ڪري ويو.