
سميجو محمد بخش
محمد بخش سميجو : ٽي وي پروڊيوسر محمد بخش ولد فقير محمد سميجي جو جنم ٿرڙي ضلعي دادو ۾ ٿيو. سندس والد پوليس کاتي ۾ ملازم هو. هن مختلف شهرن ۽ اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪئي. ايم. اي پوليٽيڪل سائنس ۾ 1964ع ۾ ڪيائين ۽ 1972ع ڌاري ايل. ايل بي ڪري دادوءَ جي مشھور وڪيل امام بخش گهرياڻيءَ جو اسسٽنٽ ٿيو. ان کان اڳ ڀان سيدآباد ۾ انگيزي اسڪول ۾ ماستر هو. پي ٽي وي تي جڏهن سنڌي پروگرام جو ٽائيم وڌيو تہ فيض ٻگهِي، منظور قريشي ۽ بين سان گڏ 1975ع ۾ پاڻ بہ اسسٽنٽ پروڊيوسر جي حيثيت ۾ ڀرتي ٿيو. اتي هارون رند ۽ عبدالڪريم بلوچ جي نگراني هيٺ موسيقي ۽ ڊرامن ڏي ڌيان ڏنائين. هي اسسٽنٽ پروڊيوسر کانپوءِ پروڊيوسر ٿيو. هن پنھنجي ڪيريئر ۾ هڪ هزار کان مٿي ڊراما پروڊيوس ڪيا. اڳتي هلي سندس گهر واري ۽ اولاد پڻ ٽي وي سان واڳجي ويا. هن پنھنجي حياتيءَ جا 29 سال پي ٽي ويءَ کي ارپيا. هن پي ٽي وي تي 1975ع ۾ بطور اسستنٽ پروڊيوسر پنھنجي ڪيريئر جو آغاز ڪيو. هن اڻ ٿڪ محنتن اوجاڳن سان سنڌي ڊرامن کي نوان رخ ڏنا جو سندس نالو ڪامياب پروڊيوسرن ۾ شامل ٿيڻ لڳو. هو انتهائي باصلاحيت ٽي. وي پروڊيوسر هو. ڪيترائي سنڌي اردو ڊراما سندس محنتن جي ڪري بيحد مقبول ٿيا. جن ۾ زينت، انتها، انگاري، نوري ڄام تماچي، گامون سچار، ڪونج غلام ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا ڊراما سندس ڪامياب ۽ يادگار رهيا. محمد بخش سميجي کي سندس محنتن جي موٽ ۾ ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا. هن ڪيترن ئي نون چهرن کي پي ٽي ويءَ تي متعارف ڪرايو. محمد بخش سميجي. پي ٽي وي آڌار سڄي سنڌ ۾ پنھنجي صلاحيتن آڌار پنهنجو مٿڀرو مقام جوڙيو ۽ پنھنجي سڃاڻپ ڪرائي. هن 13 سيپٽمبر 2004ع ۾ وفات ڪئي. کيس شھر دادو جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
2004.09.13 عيسوي
محمد بخش سميجي 13 سيپٽمبر 2004ع ۾ وفات ڪئي. کيس شهر دادو جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.