محمد حسين شوقي ٺٽوي

محمد حسين شوقي ٺٽوي : محمد حسين ولد ملا عبدالرؤف ”شوقي“، ٺٽي جي چوٽيءَ وارن نامور صوفي شاعرن مان ٿي گذريو آهي. گهڻو ڪري شاھجھان آباد (دهلي) ۾ گذاريندو هو. سنڌ جي نامور صوفي مير محمد هاشم رضوي نصرپوريءَ جو مريد ۽ شاھہ شڪر الاهي ٺٽويءَ جو دوست هو. هڪ دفعي ٺٽي جو محتسب مقرر ٿيو. ٻيو دفعو ٺٽي جو صدر مقرر ٿيو. فقيريءَ سان گڏ اميريءَ جو درجو بہ حاصل رهيس. شيخ بهاءُالدين آمليءَ جي مثنوي ”نان حلوا“ جي تتبع ۾ ”مثنوي نغمات شوقي“ سندس يادگار مثنوي آهي، جنهن ۾ تصوف جي چاشنيءَ سان گڏ پنھنجي مرشد ۽ پنھنجي دوست شاھہ شڪر الاهي جي ارادت جو پوري انصاف سان اظهار ڪيو اٿس. ان کانسواءِ مثنوي ناز ونياز ۽ ٻيون ڪي مثنويون يادگار ڇڏيون اٿس. تاريخ گوئيءَ ۾ پورو ڪمال حاصل هوس.هو 12هين صديءَ جي بزرگن مان آهي . هو تحفته الڪرام جي تصنيف 1181ھہ/1767ع کان اڳ ۾ وفات ڪري چڪو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو