محمد رفيق بلوچ

محمد رفيق بلوچ: مشھور لکيڪ، سماج سُڌارڪ ۽ شاعر محمد رفيق بلوچ 21 جون 1958ع تي ڪراچيءَ جي لياريءَ واري علائقي ۾ پورهيت داد محمد بلوچ جي گهر ۾ جنم ورتو. تعليم پرائڻ دؤران ننڍي عمر ۾ ’ٽيليفون ۽ ٽيليگراف‘ واري کاتي ۾ ملازم طور ڀرتي ٿيو. اَڳتي هلي 1983ع ۾ کيس هڪ بئنڪ ۾ ٽائپسٽ جي نوڪري مِلي، جتي مختلف عھدن تي رهندي، 2017ع ۾ ’مئنيجر آڊٽ‘ جي حيثيت سان رٽائرڊ ٿيو. سماج سُڌارڪ جي حيثيت سان پنھنجي علائقي جي پرائمري ۽ سيڪنڊري اِسڪولن جي اِنتظامي ڪميٽين جو چيئرمئن ۽ هڪ فلاحي تنظيم ’اَنجمنِ اِصلاحِ نوجوانان‘ لياريءَ جو صدر پڻ رهيو. هن رٽائرمينٽ کان پوءِ نثر ۽ نظم ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس ٻہ ڪتاب ’لِکنا منع هي‘ (2023ع) ۾ ۽ ’همارا اَپنا لياري‘ (2024ع) ۾ ڇپجي چُڪا آهن.


لفظ محمد رفيق بلوچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.06.21  عيسوي

مشھور لکيڪ، سماج سُڌارڪ ۽ شاعر محمد رفيق بلوچ 21 جون 1958ع تي ڪراچيءَ جي لياريءَ واري علائقي ۾ پورهيت داد محمد بلوچ جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رايا ييگورووا
ڪلا پرڪاش
عابدہ سلطان شھزادي
ٽھلرام آزاد
فتح ﷲ صديقي پروفيسر
عالم شاھہ بخاري
حمورابي
ابنِ انشا
خان عبدالولي خان
عبدالغفور ميمڻ پروفيسر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون