محمد سليمان ٻنوي، مولانا : مولانا محمد سليمان ولد محمد هارون ذات جو شورو هو. سندس اصل ڳوٺ دُکا پليجا لڳ قادر ڏنو شاھہ هو. جتي مولانا صاحب سن 1840ع ۾ پيدا ٿيو. مولانا صاحب شروعاتي تعليم ديھہ ٽڪي ۾ حافظ مولوي محمد يعقوب پليجي کان ورتي. ان بعد پنھنجي ڪٽنب سان گڏ اچي درياھہ ڪناري ٻني شھر ۾ آباد ٿيو. جنهنڪري مولانا سليمان ٻنوي مشھور ٿيو. مولانا ٻنوي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مشھور علمي ادبي درسگاھہ ٺٽي ويو. اتي مخدوم مولانا عبدالرحيم وٽ تعليم ورتائين. پوءِ بہ سندس علم جي اڃ نہ اُجهاڻي تہ پاٽ (دادو ضلعي) ۾ ويو. ان وقت سندس عمر 22 سال هئي. اتي هن مولانا مخدوم حسن ﷲ کان فارسي ۽ ٻيا ڪتاب پڙهيائين، پوءِ مخدوم صاحب کان موڪلائي مخدوم خير محمد جي مدرسي ۾ آيو. جتي مولانا ٻنوي پورا ست سال رهيو. مولانا ٻنوي ديندار، تقويٰ ۽ توڪل جو صاحب هو. هن پنهنجن مائٽن سان گڏجي ”مدرسة المظهر العلوم“ جو بنياد رکيو. جتي ٻہ سال مدرسي جو ڪم وڏي اوج تي هلايائين. ديني فيصلا ڪرڻ ۽ ماڻهن کي مذهب سان محبت ڪرڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ مولانا ٻنوي صاحب لاڙ پرڳڻي جي عالمن جي هڪ انجمن قائم ڪئي. جنهن جو نالو ”انجمن معلم الشرح“ رکيو ويو. ان انجمن جو مقصد هو تہ اهڙا عالم چونڊيا وڃن، جيڪي باصلاحيت، ماهر ۽ محنتي هجن. مولانا ٻنويءَ سان گڏ تحريڪِ خلافت ۾ ڪيترن عالمن، شاگردن ۽ سماجي ڪارڪنن حصو ورتو، جن ۾ مولانا علي محمد مهيري، مولانا حاجي احمد ملاح، مولانا محمد صادق کڏي وارو ۽ ٻيا شامل هئا. مولانا ٻنوي تحريڪ ۽ تعليم کان سواءِ شاعري بہ ڪندو هو. سندس ڪيترا مولود ۽ مداحون اڄ بہ ماڻهن کي ياد آهن. پر افسوس جو سندس مواد ڇپيل نہ آهي. مولوي صاحب پنھنجي باقي حياتيءَ جا ڏينهن پنھنجي ڪکن ۾ گذاريا. سندس وفات 8 اپريل 1941ع ۾ ٿي.
00.00.1840 عيسوي
مولانا محمد سليمان سن 1840ع ۾ پيدا ٿيو .